صدر پاران سريلنڪا ۾ شديد برساتن جي ڪري ايندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد  -28 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سريلنڪا ۾ شديد برساتن جي ڪري ايندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سان قيمتي جانين جي زيان ۽ ملڪيتن کي پهچندڙ نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان دلي همدرديءَ ۽ متاثر عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان …

اسلام آباد  -28 نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سريلنڪا ۾ شديد برساتن جي ڪري ايندڙ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سان قيمتي جانين جي زيان ۽ ملڪيتن کي پهچندڙ نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان دلي همدرديءَ ۽ متاثر عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هن مشڪل گهڙيءَ ۾ سريلنڪا جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. صدر چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ ناقابل ترديد حقيقت آهي جيڪا گلوبل سائوٿ جي ملڪن کي وڌيڪ متاثر ڪري رهي آهي، باوجود ان جي ته ان تبديلي ۾ انهن جو ڪردار انتهائي گهٽ آهي. صدر چيو ته پاڪستان پاڻ موسمياتي تبديلين جي سنگين اثرن کان متاثر رهيو آهي ۽ ان ڏس ۾ متاثر ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ گڏيل حڪمت عملي جي سخت ضرورت آهي. هن بحران جي وقت هڪ ٻئي جي مدد سان گڏوگڏ موسمياتي ريزيلينس، تياري ۽ خاتمي بابت گڏيل قدمن تي زور ڏنو. صدر سريلنڪا جي صدر انورا ڪماراڊسا نائيڪي جي نالي تعزيتي پيغام ۾ حڪومت ۽ سريلنڪا جي عوام سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. صدر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.

مزید خبریں