اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) چين سي پيڪ فيز ٽو تحت پاڪستان جي صنعتي ترقي، زرعي جديد ڪاري ۽ وڏي پئماني تي ڪنيڪٽوٽي وڌائڻ لاءِ مڪمل تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ان عزم جو اظهار اعليٰ سطحي پاليسي ڊائيلاگ دوران ڪيو ويو جنهن ۾ چين واضح ڪيو ته سي پيڪ جو ٻيو مرحلو پاڪستان کي معاشي طور پاڻڀرو ڪرڻ، ايڪسپورٽ بيس ۾ واڌ ۽ روزگار …
چين پاران سي پيڪ فيز ٽو تحت صنعتي، زرعي ۽ ڪنيڪٽوٽي منصوبن ۾ تعاون وڌائڻ جو اعلان

مزید خبریں
اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) چين سي پيڪ فيز ٽو تحت پاڪستان جي صنعتي ترقي، زرعي جديد ڪاري ۽ وڏي پئماني تي ڪنيڪٽوٽي وڌائڻ لاءِ مڪمل تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ان عزم جو اظهار اعليٰ سطحي پاليسي ڊائيلاگ دوران ڪيو ويو جنهن ۾ چين واضح ڪيو ته سي پيڪ جو ٻيو مرحلو پاڪستان کي معاشي طور پاڻڀرو ڪرڻ، ايڪسپورٽ بيس ۾ واڌ ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو. چين طرفان پاڪستان ۾ جديد صنعتي ڍانچي لاءِ ٻن اهم منصوبن تي تيزي سان ڪم جاري آهي، هائيئر جو 400 ملين ڊالرز جو هوم اپلائنس انڊسٽريل پارڪ ملڪ ۾ ساليانو هڪ ڪروڙ يونٽ پيداواري صلاحيت رکي ٿو ۽ پاڪستان ۾ جديد اليڪٽرانڪس ۽ هوم اپلائنس مينيوفيڪچرنگ جو نئون دو شروع ٿيندو ۽ سڌي ريت ۽ اڻ سڌي ريت روزگار جا هزارين موقعا پيدا ٿيندا، چئلينج گروپ جو 150 ملين ڊالرن جو ٽيڪسٽائيل انڊسٽريل پارڪ به شامل آهن. ساليانو 400 ملين ڊالرن تائين جي روانگي واپار جو هدف آهي. پاڪستان جي ويليو ايڊڊ ٽيڪسٽائيل کي عالمي سطح تي چٽاڀيٽي وارو بڻائڻ ۾ اهم اڳڀرائي جاري آهي، چيني اختيارين چيو ته اهي ٻئي منصوبا پاڪستان جي روانگي واپار جي صلاحيت وڌائڻ سان گڏوگڏ صنعتي ويليو چين کي مضبوط بڻائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندا. سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ زرعي سهڪار کي خاص اهميت ڏني پئي وڃي، چين اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان جي وڌيڪ زرعي مصنوعات کي ڪانٽريڪٽ فارمنگ تحت پنهنجي مارڪيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو. نئين زرعي جنسن لاءِ مارڪيٽ تائين پهچ بهتر بڻائي ويندي، ويليو چين لنڪيجز کي مضبوط ڪيو ويندو، جنهن سان روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، مٽاسٽا واري ناڻي جي آمدني ۾ استحڪام ايندو، ز زرعي شعبي ۾ جديد تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال وڌندو، وڏن ڪنيڪٽوٽي منصوبن تي اڳڀرائي ٿي آهي. چين اهم اسٽريٽجڪ انفرا اسٽرڪچر منصوبن تي فوري اڳڀرائي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي جن ۾ قراقرم هاءِ وي جي ري الائمينٽ، خنجراب سوست بارڊر پورٽ جي جديد ڪاري، گوادر پورٽ جي جامع اپ گريڊيشن شامل آهن. چيني اختيارين موجب گوادر کي هڪ مڪمل فعال علائقائي لاجسٽڪ حب ۾ تبديل ڪرڻ، سي پيڪ 2 جي پهرين ترجيح آهي. ان مقصد لاءِ بندرگاهي انفرا اسٽرڪچر، ڪارگو هينڊلنگ ۽ سپلائي چين سسٽمز ۾ وڏي پئماني تي تبديليون شامل آهن. رپورٽ موجب سي پيڪ تحت هن وقت تائين 25.93 ارب ڊالرن جي سڌي ريت چيني سيڙپڪاري، 8 هزار ميگاواٽ بجلي جي قومي گريڊ ۾ شموليت، 510 ڪلوميٽر موٽر ويز جي تعمير، 886 ڪلوميٽر ٽرانسميشن لائنز وڇائي وئي آهي، ٻئي پاسي چين پاڪستان فرينڊشپ اسپتال ۽ 2 هزار ٽن روزاني صلاحيت رکندڙ ڊي سيلينيشن پلانٽ گوادر ۾ عوام کي صحت ۽ صاف پاڻي جي سهولت فراهم ڪري رهيا آهن جنهن مان هزارين خاندان سڌي ريت فائدو کڻي رهيا آهن. چيني اختيارين چيو ته سي پيڪ کي پاڪستان جي قومي ترجيحن موجب بڻايو پيو وڃي جنهن تحت ايندڙ مرحلي ۾ سهڪار وڌيڪ مضبوط ٿيندو. اهم شعبا جن تي فوڪس ڪيو ويندو جن ۾ صنعت، زراعت، معدنيات، گرين ڊولپمينٽ، لاجسٽڪس ۽ علائقائي ڪنيڪٽوٽي انهن شعبن ۾ حصيداري پاڪستان جي معاشي جديدڪاري، صنعتي خود ڪفالت ۽ خطي ۾ واپاري انضام کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.











