سينيٽ اجلاس ۾ انڪم ٽيڪس (ٽئين ترميم) بل 2025ع تي ميمبرن کان تجويزون طلب

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سينيٽ جي اجلاس ۾ صدر نشين سينيٽر شهادت اعواڻ انڪم ٽيڪس (ٽئين ترميم) بل 2025ع تي ميمبرن کان تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن. گذريل ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري انڪم ٽيڪس (ترميم) بل 2025ع جو نقل ايوان ۾ پيش ڪيو. ان کانپوءِ صدر نشين سينيٽر شهادت اعواڻ ميمبرن کي هدايت ڪئي ته هو سومر تائين …

اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سينيٽ جي اجلاس ۾ صدر نشين سينيٽر شهادت اعواڻ انڪم ٽيڪس (ٽئين ترميم) بل 2025ع تي ميمبرن کان تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن. گذريل ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري انڪم ٽيڪس (ترميم) بل 2025ع جو نقل ايوان ۾ پيش ڪيو. ان کانپوءِ صدر نشين سينيٽر شهادت اعواڻ ميمبرن کي هدايت ڪئي ته هو سومر تائين ان حوالي سان پنهنجون تجويزون سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائين، هن هدايت ڪئي ته ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ان بل تي 10 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪندي. سينيٽ مان سفارشن جي منظوري کانپوءِ ان کي قومي اسيمبلي ڏانهن موڪليو ويندو.

مزید خبریں