مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان جي ترڪيه جي واپار واري وزير پروفيسر ڊاڪٽر عمر بولات سان ملاقات

استنبول-28 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ترڪيه جي واپار واري وزير پروفيسر ڊاڪٽر عمر بولات سان استنبول ۾ 5 اي سي او وزارتي اجلاس جي موقعي ملاقات ڪئي. مواصلات واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن ۽ وڌندڙ سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته پاڪستان ترڪيه ٻطرفي واپار کي ايندڙ سالن ۾ 5 ارب …

استنبول-28 نومبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ترڪيه جي واپار واري وزير پروفيسر ڊاڪٽر عمر بولات سان استنبول ۾ 5 اي سي او وزارتي اجلاس جي موقعي ملاقات ڪئي. مواصلات واري وزارت طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي پراڻن ڀائراڻن لاڳاپن ۽ وڌندڙ سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته پاڪستان ترڪيه ٻطرفي واپار کي ايندڙ سالن ۾ 5 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ تي اتفاق به ٿيو. ڌرين اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير عبدالعليم خان اي سي او وزارتي اجلاس ڪامياب منعقد ڪرڻ تي ترڪيه کي مبارڪون ڏيندي چيو ته علائقائي واپار ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ترڪيه جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، ترڪيه پاڪستاني گوشت ۽ چانورن جي روانگي واپار تي غور ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي معياري مصنوعات مناسب قيمتن تي دستياب آهن ۽ روانگي واپار ترڪيه لاءِ فائديمند ٿيندو.

مزید خبریں