اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل سان پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جي سينئر ڊائريڪٽر خواجه صلاح الدين ملاقات ڪئي ۽ کيس وفاقي سيڪريٽري اطلاعات ۽ نشريات جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ٽيليويزن جو ڪنٽرولرز انجنيئرنگ اظهر حسن خان، شيخ عبدالجبار ۽ فيصل حيات خان پڻ موجود هئا. خواجه صلاح الدين …
اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل سان پي ٽي وي جي سينئر ڊائريڪٽر خواجه صلاح الدين جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل سان پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جي سينئر ڊائريڪٽر خواجه صلاح الدين ملاقات ڪئي ۽ کيس وفاقي سيڪريٽري اطلاعات ۽ نشريات جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ٽيليويزن جو ڪنٽرولرز انجنيئرنگ اظهر حسن خان، شيخ عبدالجبار ۽ فيصل حيات خان پڻ موجود هئا. خواجه صلاح الدين ان اهم ذميواري کي ملڪ جي اطلاعات ۽ نشريات جي خدمتن لاءِ هڪ اهم موقعو قرار ڏيندي چيو ته اشفاق احمد خليل پنهنجي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ تجربي جي بنياد تي وزارت جي ترقي ۽ عوامي رابطي کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. اشفاق احمد خليل ان کان اڳ اطلاعات ۽ نشريات جي وزارت ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري طور خدمتُون سرانجام ڏيئي چُڪو آهي ۽ هُن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ پشاور ۾ ڊائريڪٽر جنرل، پاڪستان سفارتخاني ٽوڪيو جاپان ۾ پريس قونصلر سميت ٻين اهم عُهدن تي پُڻ خدمتُون سرانجام ڏنيُون آهن. وزيراعظم جي منظوري کان پوءِ باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. خواجه صلاح الدين پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته نئين مقرري سان وزارت ۾ انتظامي ۽ پاليسي سطح تي تسلسل برقرار رهندو ۽ سرڪاري رابطاڪاري وڌيڪ موثر ٿيندي.











