وزيراعظم پاران ڊيره اسماعيل خان ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي آپريشن ۾ فتنه الخوارج جي 22 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عزمِ استڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي …

اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيره اسماعيل خان ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي آپريشن ۾ فتنه الخوارج جي 22 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي واکاڻ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عزمِ استڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پاڪستان جي فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهيون.

مزید خبریں