اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس بين الحڪومتي ڪميشن جي 10هون اجلاس دوران پائيدار تعاون، مستحڪم حصيداري ۽ جامع اقتصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. اجلاس 25 کان 27 نومبر تائين اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. ان جي گڏيل صدارت توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري ۽ روس جي توانائيءَ واري وزير سرگئي تسويليف ڪئي. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطحي …
پاڪستان- روس بين الحڪومتي ڪميشن جو 10هون اجلاس، اهم معاهدن ۽ پروٽوڪولز سان پڄاڻيءَ تي پهتو

مزید خبریں
اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس بين الحڪومتي ڪميشن جي 10هون اجلاس دوران پائيدار تعاون، مستحڪم حصيداري ۽ جامع اقتصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. اجلاس 25 کان 27 نومبر تائين اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. ان جي گڏيل صدارت توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس خان لغاري ۽ روس جي توانائيءَ واري وزير سرگئي تسويليف ڪئي. اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطحي وفدن جي شرڪت ڪئي ۽ گڏيل تعاون جي مختلف شعبن ۾ 9هين آءِ جي سي اجلاس جي فيصلن تي ٿيل اڳڀرائيءَ جو جائزو پيش ڪيو. اقتصادي معاملن واري وزارت طرفان جاري پڌرائيءَ موجب ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطحي وفدن قيادت جي هدايتن جي روشنيءَ ۾ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڌُرين پاڪستان ۽ روس جي سماجي اقتصادي ترقي لاءِ جامع ۽ مستقبل بين الحصيداري جي عزم کي ورجايو جيڪو علائقائي استحڪام ۽ رابطا ڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اجلاس ۾ 9هين آءِ جي سي جي فيصلن تي ٿيل اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو. ٻنهي ملڪن گڏيل واپار کي هٿي ڏيڻ، روانگي واپار جي دائري کي وڌائڻ ۽ ڪاروباري طبقي وچ ۾ رابطا وڌائڻ لاءِ ٿيل تعميري ڳالهه ٻولهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن واپاري نمائشن، ڪاروباري برادرين جي مٽاسٽا ۽ پاڪستاني شين جن ۾ ٽيڪسٽائل، اسپورٽس ايٽمز، آءِ ٽي سروسز، انجنيئرنگ شيون ۽ زرعي جنس شامل آهن، جي مارڪيٽ تائين رسائي بهتر بڻائڻ تي زور ڀريو. ڌُرين طئي ٿيل راهدارين ذريعي پائليٽ ڪارگو موومينٽ کي هٿي وٺرائڻ کي ساراهيو ۽ پائليٽ ٽرين جي شروعات جي عزم جي به توثيق ڪئي، جيڪو علائقائي لاجسٽڪس ۽ رابطن ۾ هڪ ٺوس اڳڀرائي هوندي. توانائيءَ جي شعبي ۾ تعاون اجلاس جو مرڪزي نُڪتو رهيو. ٻنهي ملڪن تيل ۽ گيس جي شعبن ۾ مثبت اڳڀرائي، ايل اين جي ۽ ايل پي جي جي فراهمي جي موقعن ۽ فني تعاون جي اهميت جو ذڪر ڪيو. تجديد جوڳي توانائي، هائيڊرو پاور ڊولپمينٽ ۽ پاڻي وسيلن بابت ٽيڪنالاجيز جنهن ۾ ٻوڏ کان بچاءُ ۽ هائيڊرو لوجيڪل مانيٽرنگ شامل آهي تي وڌيڪ تعاون جي امڪانن کي به اجاگر ڪيو. صنعت ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ انسولين جي مقامي پيداوار، پاڪستان اسٽيل ملز جي ميٽالرجيڪل صلاحيتن جي اپ گريڊيشن، ڳرين مشينن، مائيننگ ۽ جديد مينيوفيڪچرنگ ۾ امڪاني حصيداريءَ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. ڌُرين سائنسي، تعليمي ۽ فني تعاون جي اهميت تي زور ڀريندي اعلان ڪيو ته اعليٰ تعليم ڊگرين جي گڏيل تسليم ۽ سائنسي تعاون بابت بين الحڪومتي معاهدن کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي. انجنيئرنگ، ميڊيڪل سائنسز، آءِ ٽي ۽ خلائي ٽيڪنالاجي ۾ گڏيل تحقيق، اسڪالرشپس، تعليمي تعاون جي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ روسي زبان جي مرڪزن جي آجيان ڪئي وئي. ان مقصد لاءِ اسلام آباد ماڊل ڪاليج فار بوائز آءِ-8 ۾ هڪ خصوصي تقريب منعقد ٿي، جيڪو روسي زبان جي تعليم جو اهم مرڪز آهي. ثقافتي، تعليمي ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ کي خصوصي اهميت ڏني وئي. روسي وفد 2005ع ۾ زلزلي متاثرن سان ملاقات ڪئي جيڪي ٻنهي ملڪن وچ ۾ انساني همدردي جي لاڳاپن جي علامت آهن. اهڙيءَ طرح پي اين سي اي ۾ روسي فنڪارن ثقافتي پروگرام پيش ڪيا. پاڪستان يوري گاگارين جو مجسمو لڳرائڻ کي ساراهيو جنهن جو وزير افتتاح ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن جي دوستي ۽ سائنسي تعاون جي علامت آهي. انساني ۽ قدرتي آفتن جي انتظام جي شعبي ۾ به ڳالهه ٻولهه ٿي. پاڪستان جي اين ڊي ايم اي ۽ روس جي ايمرجنسي واري وزارت سيچو ۽ ايشينز ايمرجنسي ريسپانس ٽريننگ، ارلي وارننگ سسٽمز ۽ آفتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ لچڪ وڌائڻ جي قدمن تي به گڏيل تعاون جا امڪان تلاش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. راندين، سياحت، ميڊيا، مٽاسٽا ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جي موقعن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ بهتر فهم پيدا ٿي سگهي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي ڌُرين 10هين آءِ جي سي جو سرڪاري پروٽوڪول ۽ 3 اهم مفاهمتي يادداشتن تي به صحيحون ڪيون. ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ روس جي سپورٽنگ نيوز ايجنسي وچ ۾ ميڊيا تعاون ۽ پيشيوراڻي مٽاسٽا کي هٿي وٺرائڻ جي مفاهمتي يادداشت تي ايم ڊي اي پي پي محمد عاصم کچي ۽ واسيلي پشڪوف، ڊائريڪٽر عالمي تعاون، روسيا سيگودنيا ميڊيا گروپ/سپورٽنگ نيوز ايجنسي صحيحون ڪيون. پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوائلٽي ڪنٽرول اٿارٽي ۽ روس جي فيڊرل ايجنسي فار ٽيڪنيڪل ريگيوليشن اينڊ ميٽرولوجي وچ ۾ معيار، ميٽرولوجي ۽ ڪنفرميٽي اسيسمينٽ ۾ تعاون جو معاهدو ۽ چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان ۽ روس جي فيڊرل اينٽي مونو پولي سروس وچ ۾ چٽاڀيٽي قانونن، ماهرن جي مٽاسٽا ۽ صلاحيت سازيءَ بابت تعاون جا معاهدا ٿيا. ٻنهي ملڪن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهي معاهدا اداره جاتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻه طرفي اقتصادي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ڌُرين اتفاق ڪيو ته پاڪستان روس آءِ جي سي جو 11هون اجلاس 2026ع ۾ روس ۾ گڏيل طور طئي ٿيل تاريخن تي منعقد ٿيندو. گڏيل صدرن 10هين اجلاس جي مثبت ۽ تعميري نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل احترام، اعتماد ۽ پائيدار تعاون جي بنياد تي پاڪستان روس لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو عزم ورجايو. ان موقعي تي وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان روس بين الحڪومتي ڪميشن جي هاڻوڪي اجلاس ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون جي وسيع موقعن جي نشاندهي ڪئي آهي جيڪي مستقبل ۾ معاشي ۽ فني حصيداريءَ کي نئين مضبوطي فراهم ڪندا. اجلاس کان پوءِ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ميري ٽائمز، ايوي ايشن، توانائي، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل منصوبا حڪومت جي اولين ترجيح آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ٻئي ملڪ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ لاءِ مضبوط عملي فريم ورڪ جوڙي رهيا آهن. وفاقي وزير اويس لغاري ٻُڌايو ته اجلاس دوران پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ڪيترن ئي مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) ۽ پروٽوڪولز تي صحيحون ڪيون ويون جيڪي ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ فني رابطن کي نئون رُخ ڏيندا. هن چيو ته هي بين الحڪومتي ڪميشن مستقبل ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ، اقتصادي سرگرمين ۾ واڌ ۽ سيڙپڪاريءَ جا نوان دروازا کولڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا.











