پي ٽي آءِ جي باني سان جيل مينيوئل تحت ملاقاتون ڪرايون پيون وڃن، هڪ سندس ليگل ٽيم ۽ سندس ڪٽنب ملاقات ڪري ٿي: طلال چوڌري

اسلام اباد-27 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني سان جيل مينيوئل موجب ملاقاتون ڪرايون پيون وڃن، هڪ ان جي ليگل ٽيم ۽ سندس ڪٽنب ملاقات ڪري ٿي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر فيصل جاويد جي اعتراض واري نُڪتي جي جواب ۾ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته جيل جو پنهنجو مينيوئل هوندو آهي جنهن موجب …

اسلام اباد-27 نومبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني سان جيل مينيوئل موجب ملاقاتون ڪرايون پيون وڃن، هڪ ان جي ليگل ٽيم ۽ سندس ڪٽنب ملاقات ڪري ٿي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر فيصل جاويد جي اعتراض واري نُڪتي جي جواب ۾ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته جيل جو پنهنجو مينيوئل هوندو آهي جنهن موجب ملاقاتون ڪرايون وينديون آهن. پي ٽي آءِ باني سان به ان مينيوئل تحت ملاقاتون ڪرايون پيون وڃن. ان سان هڪ ان جي ليگل ٽيم ملاقات ڪري ٿي ۽ هڪ ان جي فيملي ملاقات ڪري ٿي. هن چيو ته عدالت پي ٽي آءِ سان ملاقاتن تي هڪ اوور سائيٽ رکيو آهي. هن چيو ته ڪوبه اهلڪار نٿو چاهي ته هو عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري پنهنجي نوڪري وڃائي ويهي. هن چيو ته ان کان علاوه کيس هر سهولت پڻ ميسر آهي، جنهن ۾ ديسي ڪڪڙ، 6 وڏا بيرڪس، ايڪسرسائيز مشينون ۽ سندس پنهنجو بورچي پڻ آهي، ٽي وي ۽ فزيو پڻ شامل آهي. هن چيو ته 4 ماڻهو خوامخواه روڊن تي ويهي ڊراما ڪن ٿا ۽ هاڻ ته هي ضمني چونڊون به هاري ويٺا آهن.

مزید خبریں