اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ڪڻڪ ڪوٽا پاليسي بابت اهم فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته پاليسي بڻائڻ ايگزيڪيوٽو جو اختيار آهي ۽ عدالتون ان دائري اختيار ۾ مداخلت نٿيون ڪري سگهن. عدالت سنڌ حڪومت جي اپيل منظور ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جو 31 مئي 2023ع وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ڪالهه ڪيس …
عدالت سنڌ حڪومت جي اپيل منظور ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جو 31 مئي 2023ع وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ڪڻڪ ڪوٽا پاليسي بابت اهم فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته پاليسي بڻائڻ ايگزيڪيوٽو جو اختيار آهي ۽ عدالتون ان دائري اختيار ۾ مداخلت نٿيون ڪري سگهن. عدالت سنڌ حڪومت جي اپيل منظور ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جو 31 مئي 2023ع وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ڪالهه ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ سبطين محمود مؤقف اختيار ڪيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جن گائيڊ لائنز جو حڪم ڏنو هو اهي آئين تحت نه هيون ۽ عدالتي دائره اختيار کان ٻاهر هيون. ايڊيشنل اٽارني جنرل منور دگل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته پاليسي ٺاهڻ ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ ايگزيڪيوٽو جو خصوصي اختيار آهي، عدالتي صرف قانوني رُخن جو جائزو وٺي سگهي ٿي. جسٽس علي باقر نجفي ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاليسي هميشه ايگزيڪيوٽو ئي جوڙي ٿو ۽ ان جو اعلان به ان جي ذميواري هوندي آهي. واضح رهي ته هڪ فلور مل مالڪ ڪڻڪ جي ڪوٽا حاصل ڪرڻ بابت معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو جنهن تي هاءِ ڪورٽ هدايتون جاري ڪيون هيون سنڌ حڪومت ان فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي هئي. وفاقي آئيني عدالت سمورين ڌُرين جا دليل ٻُڌا. بعد ۾ سنڌ حڪومت جي اپيل منظور ڪندي هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.











