اسلام آباد - 27 نومبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي نيشنل لائبريري آف پاڪستان ۾ انڊونيشين بُڪ ڪارنر جو افتتاح ڪيو جيڪو پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ثقافتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. تقريب دوران نيشنل لائبريري آف پاڪستان ۽ نيشنل لائبريري آف انڊونيشيا جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون پڻ ڪيون …
قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي پاران نيشنل لائبريري آف پاڪستان ۾ انڊونيشين بُڪ ڪارنر جو افتتاح

مزید خبریں
اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي نيشنل لائبريري آف پاڪستان ۾ انڊونيشين بُڪ ڪارنر جو افتتاح ڪيو جيڪو پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ثقافتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. تقريب دوران نيشنل لائبريري آف پاڪستان ۽ نيشنل لائبريري آف انڊونيشيا جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون پڻ ڪيون ويون. تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير اورنگزيب کچي چيو ته انڊونيشين ڪارنر جو افتتاح ان لاءِ به اهم آهي ته ٻئي ملڪ هن سال سفارتي لاڳاپن جا 75 سال پورا ٿيڻ تي جشن ملهائي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ ثقافت ۽ تعليم سميت عالمي فورمز تي پراڻي تعاون جي بنياد تي قائم مضبوط رشتو رکندڙ آهن، انڊونيشين ڪارنر ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو ذريعو ثابت ٿيندو ۽ پاڪستان ۾ انڊونيشيا جي ادب، ثقافت ۽ فڪري روايتن تائين پهچ فراهم ڪندو. وفاقي وزير چيو ته ٻنهي لائبريرين جي وچ ۾ طئي ٿيل ايم او يو ڪتابن جي مٽاسٽا، گڏيل ثقافتي سرگرمين، تربيت ۽ تحقيقي حصيداري کي فروغ ڏيندو. هن انڊونيشين سفارتخاني جي تعاون ۽ نيشنل لائبريري آف پاڪستان جي عالمي ثقافتي رابطن جي فروغ جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. انڊونيشيا جي سفير ليفٽيننٽ جنرل (ر) چندرا ورسيناتو سڪوچو تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته انڊونيشين ڪارنر ٻنهي دوست ملڪن جي عوام جي وچ ۾ گڏيل سمجهه کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن ٻڌايو ته هن ڪارنر ۾ انڊونيشيا جي سياست، معيشت، سيڪيورٽي، ثقافت، سياحت،پرڏيهي پاليسي، کاڌن جي روايتن ۽ قومي ترقي بابت ڪتاب ۽ مواد شامل آهي. هن چيو ته ٻنهي قومي لائبريرين جي وچ ۾ صحيحون ٿيندڙ معاهدو اداراجاتي تعاون جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان حصيداري جي نتيجي ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. سفير چندرا ورسيناتو سڪوچو قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت ۽ نيشنل لائبريري آف پاڪستان جا ٿورا ادا ڪيا ۽ لائبريري جي اڳوڻي ۽ موجوده قيادت جي خدمتن کي ساراهيو. تقريب ۾ آسيان ڪميٽي جي چيئر ۽ ٿائيلينڊ جي سفير رونگ وڊي ويرابتر، آسيان ملڪن جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرز، نيشنل لائبريري آف انڊونيشيا جي پرائيم سيڪريٽري جوڪو سانتو، نيشنل لائبريري آف پاڪستان جي ڊائريڪٽر جنرل محمد علي شهزاد مظفر ۽ ٻين معزز مهمانن شرڪت ڪئي.











