اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) وائيٽ هائوس تي فائرنگ جي واقعي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته افغان طالبان رجيم سڄي دنيا جي امن لاءِ سنگين خطرو آهن، واشنگٽن ۾ فائرنگ جو واقعو هڪ وڏي عالمي پيٽرن جو حصو ڏسڻ ۾ اچي ٿو جتي افغان ڄاوا نيٽ ورڪس ٻيهر سرگرم ٿي رهيا آهن. خبر موجب افغان نيٽ ورڪس يورپ ۽ اُتر آمريڪا تائين پکڙجي چڪا آهن جيڪي افغانستان جو …
وائيٽ هائوس تي فائرنگ جو واقعو، افغان طالبان رجيم پوري دنيا جي امن لاءِ سنگين خطرو

مزید خبریں
اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) وائيٽ هائوس تي فائرنگ جي واقعي مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته افغان طالبان رجيم سڄي دنيا جي امن لاءِ سنگين خطرو آهن، واشنگٽن ۾ فائرنگ جو واقعو هڪ وڏي عالمي پيٽرن جو حصو ڏسڻ ۾ اچي ٿو جتي افغان ڄاوا نيٽ ورڪس ٻيهر سرگرم ٿي رهيا آهن. خبر موجب افغان نيٽ ورڪس يورپ ۽ اُتر آمريڪا تائين پکڙجي چڪا آهن جيڪي افغانستان جو عدم استحڪام هاڻ هتي پکيڙڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. افغان طالبان رجيم صرف افغانستان لاءِ نه پر پوري دنيا جي سيڪيورٽي لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪي آهي. وائيٽ هائوس ويجهو رحمان الله لاڪانوال نيشنل گارڊ جي اهلڪارن تي فائرنگ ڪري شديد زخمي ڪري ڇڏيو. هوم ليند سيڪيورٽي موجب رحمان الله 2021ع ۾ آپريشن الائيز ويلڪم تحت آمريڪا آيو هو. سي اين اين موجب هن شڪي شخص 2024ع ۾ پناهه جي درخواست ڏني هئي جيڪا اپريل 2025ع ۾ ٽرمپ انتظاميه منظور ڪري ورتي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واقعي کي دهشتگردي قرار ڏنو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب آمريڪا افغان شهرين جي اميگريشن جون سموريون درخواستون اڻڄاتل مُدي لاءِ روڪي ڇڏيون. يورپي يونين انسٽيٽيوٽ آف سيڪيورٽيز اسٽيڊيز طرفان جاري رپورٽ موجب افغان طالبان رجيم سڄي ملڪ ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيمن جي ميمبرن کي افغان پاسپورٽ جاري ڪيا. يورپي يونين انسٽيٽيوٽ آف سيڪيورٽيز اسٽڊيز موجب افغان طالبان رجيم جي دهشتگرد گروهن سان وڌندڙ لاڳاپا داخلي استحڪام ۽ پاڙيسري ملڪن لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪا آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ موجب افغان طالبان رجيم جو دهشتگرد گروهن لاءِ محفوظ پناهه گاهون فراهم ڪرڻ خطي جي سلامتيءَ لاءِ شديد خطرو آهن. پاڪستان سميت دنيا جا ٻيا ملڪ اڳ ئي افغان طالبان رجيم جي دهشتگردن لاءِ پُٺڀرائيءَ لاءِ خدشا ظاهر ڪري چڪا آهن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڊئنمارڪ ۽ روس فتنه الخوارج جي مڪروه اِرادن کان عالمي برادريءَ کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته افغانستان ۾ سموريون دهشتگرد تنظيمون وڌي ويجهي رهيون آهن. آءِ ايس پي آر جي ڊي جي به پنهنجي پريس بريفنگ ۾ ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته آمريڪي هٿيار سرِعام وِڪرو ٿي رهيا آهن. افغانستان ۾ هڪ وار اڪانومي جنم وٺي چڪي آهي جنهن کي افغان طالبان جي پٺڀرائي حاصل آهي. پرڏيهي رپورٽ موجب آمريڪي فوج جي افغانستان مان نڪرڻ وقت تقريبن 7 ارب ڊالر ماليت جو آمريڪي سامان افغانستان ۾ ڇڏي نڪرڻ به هٿيارن جي افغانستان ۾ موجودگيءَ جو تمام وڏو دهشتگرديءَ جو محرڪ آهي. هٿيار وِڪرو ڪيا وڃن ٿا ۽ خريدا وڃن ٿا. دهشتگرد گروهن کي اسمگل ڪيا ويا آهن. گڏيل قومن جو مڃڻ آهي ته ان ۾ ڪجهه هٿيار القاعده جي اتحادي گروهن جي هٿن ۾ به پهچي چڪا آهن.











