اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) نيپرا ڊسڪوز جي آڪٽوبر جي مهيني جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان عوامي ٻُڌڻي مڪمل ڪري ورتي آهي. نيپرا ترجمان طرفان جاري بيان موجب عوامي ٻُڌڻي نيپرا جي چيئرمين وسيم مختار جي صدارت هيٺ ٿي. عوامي ٻُڌڻيءَ ۾ سي پي پي اي جي عهديدارن، بزنس ڪميونٽي، توانائي واري وزارت جي نمائندن، صحافين ۽ عوام ڀرپور شرڪت ڪئي. سي پي پي اي جي ايف …
نيپرا جي ڊسڪوز جي آڪٽوبر مهيني جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان عوامي ٻُڌڻي مڪمل

مزید خبریں
اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) نيپرا ڊسڪوز جي آڪٽوبر جي مهيني جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان عوامي ٻُڌڻي مڪمل ڪري ورتي آهي. نيپرا ترجمان طرفان جاري بيان موجب عوامي ٻُڌڻي نيپرا جي چيئرمين وسيم مختار جي صدارت هيٺ ٿي. عوامي ٻُڌڻيءَ ۾ سي پي پي اي جي عهديدارن، بزنس ڪميونٽي، توانائي واري وزارت جي نمائندن، صحافين ۽ عوام ڀرپور شرڪت ڪئي. سي پي پي اي جي ايف سي اي جي مد ۾ تقريبن 65 پئسا في يونٽ گهٽتائيءَ جي درخواست جمع ڪرائي وئي هئي، جيڪو صرف هڪ مهيني لاءِ ڊسڪوز سميت ڪي اليڪٽرڪ جي سمورن صارفين لائيف لائن، پروٽيڪٽڊ صارفين، پري پيڊ صارفين ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنن تي ٿيندو. اٿارٽي سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جي راين کي تسليءَ سان ٻُڌو. اٿارٽي ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ پڙتال کانپوءِ پنهنجو تفصيلي فيصلو جاري ڪندي.











