اسٽيٽ بئنڪ اڳوڻن ۽ موجوده پارليامينٽ جي ميمبرن مان ڪنهن جي اڪائونٽ کي بلاڪ ڪرڻ جي حوالي سان ڪي به هدايتون جاري نه ڪيون: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ اڳوڻن ۽ موجوده پارليامينٽ جي ميمبرن مان ڪنهن جي اڪائونٽ کي بلاڪ ڪرڻ جي حوالي سان ڪي به هدايتون جاري نه ڪيون آهن. پارليامينٽ جي ميمبرن جي اڪائونٽس بابت مسئلن جي حل لاءِ بئنڪن ۾ فوڪل پرسنز مقرر ڪيا ويا آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر جان محمد جي ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس …

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ اڳوڻن ۽ موجوده پارليامينٽ جي ميمبرن مان ڪنهن جي اڪائونٽ کي بلاڪ ڪرڻ جي حوالي سان ڪي به هدايتون جاري نه ڪيون آهن. پارليامينٽ جي ميمبرن جي اڪائونٽس بابت مسئلن جي حل لاءِ بئنڪن ۾ فوڪل پرسنز مقرر ڪيا ويا آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر جان محمد جي ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس تي ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته جولاءِ 2019ع ۾ سياسي شخصيتن جي اڪائونٽس بابت سرڪلر جاري ڪيا ويا. اسٽيٽ بئنڪ اڳوڻن ۽ موجوده پارليامينٽ جي ميمبرن مان ڪنهن جو به اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جي حوالي سان ڪي به هدايتون جاري نه ڪيون. پارليامينٽ جي ميمبرن جي اڪائونٽس جي معاملي تي اسٽيٽ بئنڪ هڪ فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي ڪمرشل بئنڪن کي به هدايت آهي ته اهي به پارليامينٽ جي ميمبرن جي اڪائونٽس جي حوالي سان پنهنجا فوڪل پرسن مقرر ڪن، جن جي روشنيءَ ۾ هر بئنڪ پنهنجو فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي جتي پارليامينٽ جا ميمبر پنهنجون شڪايتون داخل ڪري سگهن ٿا.

مزید خبریں