ضمني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪندڙن کي تنقيد جو ڪو حق نه آهي، پي ٽي آءِ جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 27 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ضمني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪندڙن کي تنقيد جو ڪو حق نه آهي، پي ٽي آءِ جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي، اهي پنهنجون سياسي غلطيون لڪائڻ جي لاءِ الزام هڻن ٿا، جڏهن عدالتون انهن کان ثبوت گهرن ٿيون ته اهي تاريخون وٺن ٿا، بابر نواز خان کي فتح تي …

اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ضمني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪندڙن کي تنقيد جو ڪو حق نه آهي، پي ٽي آءِ جي قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي، اهي پنهنجون سياسي غلطيون لڪائڻ جي لاءِ الزام هڻن ٿا، جڏهن عدالتون انهن کان ثبوت گهرن ٿيون ته اهي تاريخون وٺن ٿا، بابر نواز خان کي فتح تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي دور ۾ ايوان جي اڌ فرنٽ لائين جيلن ۾ هئي پر اسان پوءِ به ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه ڪندا هئاسين، جڏهن ڪشمير تي اجلاس گهرايو ويو ته انهن جو ليڊر نه آيو جڏهن ته اسان جو اپوزيشن ليڊر ان وقت اجلاس ۾ موجود رهيو، سمورين حرڪتن ۽ ڪوششن جي باوجود ميان شهباز شريف چيو هو ته ميثاق جمهوريت جي لاءِ تيار آهيان، اسان سان ڳالهه ڪريو پر هي ان وقت نعرا لڳائيندا ۽ برو ڀلو چوندا هئا جڏهن ته اسان ملڪ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. اڃا به قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کين ڪيترائي ڀيرا ڳالهين جي لاءِ چيو، ڪميٽي به ٺهي مرحوم عرفان صديقي ان ڪميٽي جو ميمبر هو پر پي ٽي آءِ ڳالهين جي عمل کي سبوتاز ڪيو، انهن جي ياد محدود آهي، ضمني چونڊن ۾ انهن پاڻ بائيڪاٽ ڪيو، جيڪو ميدان ۾ کيڏڻ نه آيو ته ان کي ضمني چونڊن تي ڳالهه ڪرڻ جو به ڪو حق نه آهي. انهن سياسي عمل جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪيو، اليڪشن کان بائيڪاٽ جو فيصلو انهن جي پنهنجي پارٽي جو هو، هاڻي ڌانڌلي جو الزام هڻي گوڙ ڪري رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير هري پور مان بابر نواز خان کي فتح حاصل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن بهترين اليڪشن وڙهي، سندس سامهون تمام وڏو سياسي خاندان هو، خيبرپختونخواهه حڪومت، پوليس ۽ انتظاميا هئي، ان جي باوجود بابر نواز خان انهن کان فتح کسي آيو ۽ اڄ هتي حلف کنيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف سان جيڪي زيادتيون ٿيون ان تي عدالتي ريليف اعليٰ عدالتن مان مليو. جڏهن نواز شريف کي ٻاهر وڃڻو هو ته پي ٽي آءِ جي پنهنجي ڪابينا فيصلو ڪيو هو ۽ اڄ هي ان تي تنقيد ڪن ٿا ته انهن کي پنهنجي طرز عمل تي ٿوري نظرثاني ڪندي پنهنجي جيءُ ۾ جهاتيءَ پائڻ گهرجي. هن چيو ته ڌانڌلي جو گوڙ ڪندڙ ٻڌائين ته انهن جا قانوني دستاويز ڪٿي آهن؟ ٽربيونل جي لاءِ توهان ڪهڙو ڪيس تيار ڪيو آهي؟ اسان جي مٿان به اهي الزام هڻندا هئا، منهنجي ڪيس ۾ به منهنجي خلاف پي ٽي آءِ جو اميدوار ڪيترائي ڀيرا ڪورٽ مان ڀڄي چڪو آهي، هي ميڊيا ۾ ويهي فارم 47 جي ڳالهه ڪن ٿا ۽ عدالتن مان ڀڄي وڃن ٿا، اهو انهن جو ٻٽو معيار آهي ته ميڊيا تي گوڙ ڪريو ۽ جڏهن عدالت دستاويزي ثبوت گهري ته هي تاريخون وٺن ٿا. هن چيو ته صاف جهڪتي به نهين، سامني آتي بهي نهين، انهن اسان جي مخالف اميدوارن سان گڏجي ميڊيا، سوشل ميڊيا تي پوري مُهم هلائي، ان جي باوجود انهن کي شڪست ٿي. وفاقي وزير چيو ته سياست ۾ ڪڏهن به بائيڪاٽ ناهي ٿيندو، پنهنجي سياسي غلطي کي لڪائڻ جي لاءِ هن ايوان، اسپيڪر ۽ ميان نواز شريف تي الزام هڻڻ انهن جو شرمناڪ عمل آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته انهن جي هر قول ۽ فعل ۾ تضاد آهي، انهن جا سوشل ميڊيا اڪائونٽس فيلڊ مارشل ۽ پاڪ فوج کي ٽارگيٽ ڪن ٿا ۽ انهن کي انڊيا ۽ افعانستان ۾ لائڪس ملن ٿا، انهن سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي ذريعي جيڪا مُهم شروع ڪئي آهي اها مذمت جوڳي آهي، هر پاڪستاني ان کي رد ڪري ٿو، انهن کي منهن جي کائڻي پوندي.

مزید خبریں