اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته قرآن حڪيم ذريعي اسان سڄي دنيا کي امن ۽ سلامتيءَ جو پيغام ڏئي سگهون ٿا. قرآن حڪيم جو پيغام سڄي دنيا تائين پهچائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي. اهڙو اظهار هُن ڪنوينشن سينٽر ۾ پاڪستان جي پهرين عالمي مقابلي حسن قرائت جي 4 ڏينهن کان جاري رهندڙ مقابلن جي پڄاڻي تي ڪيو. …
قرآن حڪيم جو پيغام سڄي دنيا تائين پهچائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي: وفاقي وزير سردار محمد يوسف

مزید خبریں
اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته قرآن حڪيم ذريعي اسان سڄي دنيا کي امن ۽ سلامتيءَ جو پيغام ڏئي سگهون ٿا. قرآن حڪيم جو پيغام سڄي دنيا تائين پهچائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي. اهڙو اظهار هُن ڪنوينشن سينٽر ۾ پاڪستان جي پهرين عالمي مقابلي حسن قرائت جي 4 ڏينهن کان جاري رهندڙ مقابلن جي پڄاڻي تي ڪيو. هن چيو ته عالمي مقابله حسن قرائت جي پڄاڻيءَ تي الله تعاليٰ جو شڪريو ادا ڪريون ٿا. الله تعاليٰ اسان کي اهو موقعو عطا ڪيو. 24 نومبر کان شروع ٿي 27 نومبر تي هي مقابلو پڄاڻيءَ تي پهتو. هن چيو ته دنيا جي 37 ملڪن مان قرائت پيش ڪرڻ لاءِ ماڻهو آيا جن قرآن حڪيم جي انتهائي خوش الهاني سان تلاوت ڪئي. قرآن حڪيم ۾ ارشاد آهي ته قرآن کي آهستي آهستي پڙهيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان کي عالمي مقابله حسن قرائت ڪرائڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي. انشاءَ الله اهو سلسلو جاري رهندو. هن چيو ته قرآن ڪريم جي عظمت ۽ اهميت اسان بيان نٿا ڪري سگهون. قرآن حڪيم هدايت جو سرچشمو ۽ اسان جي نجات جو ذريعو آهي. جيڪو اسان کي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابين سان ڳنڍي ٿو. هن چيو ته چيف ڪوآرڊينيٽر ۽ چيف جج قاري سيد صداقت علي جون ڪوششون به ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته ايران، مصر ۽ ڪوويت جي ججن به مقابلي ۾ منصف جا فرض سرانجام ڏنا. هن چيو ته مذهبي معاملن واري وزارت نظامِ صلا جي قيام لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. عالمن ۽ مشائخن جي ڪائونسل قائم ڪئي وئي آهي جنهن سان پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسلمانن کي فائدو پهچندو. هن چيو ته قرآن پاڪ جو پوري انسانيت لاءِ پيغام پهچائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي. قرآن حڪيم ذريعي اسان سڄي دنيا ۾ امن، سلامتي ۽ ڀائيچاري جو پيغام پهچائي سگهون ٿا.











