اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت هيٺ ريگيوليٽري ريفارمز جي ذيلي ڪميٽي جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ لسٽڊ ڪمپنين بابت سڌارا جاتي قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ايس اي سي پي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي نمائندن سميت اسڪاٽ جيڪب شرڪت ڪئي. ڪميٽي لسٽڊ ڪمپنين لاءِ سڌارن جي …
وزيراعظم جي ويزن تحت لسٽڊ ڪمپنين لاءِ ڪاروباري سڌارن کي تيز ڪيو پيو وڃي: هارون اختر

مزید خبریں
اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت هيٺ ريگيوليٽري ريفارمز جي ذيلي ڪميٽي جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ لسٽڊ ڪمپنين بابت سڌارا جاتي قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ايس اي سي پي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي نمائندن سميت اسڪاٽ جيڪب شرڪت ڪئي. ڪميٽي لسٽڊ ڪمپنين لاءِ سڌارن جي حڪمت عملي تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ۽ پاڪستان جي ڪمزور اسٽاڪ مارڪيٽ ڪارڪردگي، ننڍي درجي جي لسٽڊ ڪمپنين جي محدود نوعيت ۽ جي ڊي پي ۾ گهٽ حصيداريءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هارون اختر ان موقعي تي ٻُڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت موجب ريگيوليٽري نظام کي ڪاروبار دوست بڻائڻ ۽ غير ضروري پابندين جي خاتمي جي قدمن کي تيز ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ آهي. هي ويزن هاڻ حقيقت ۾ تبديل ٿي رهيو آهي ۽ سڌارن تحت اهي قدم ڪاروبار ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيندا. هن وڌيڪ چيو ته سڌارن کي عالمي معيار موجب تيار ڪيو ويو آهي جن جو بنياد گهٽ ضابطن ۽ اعليٰ ڪارڪردگي جي ماڊلز تي آهي ته جيئن ڪمپلائنس نظام مضبوط بڻائي سگهجي ۽ ڪاروباري ادارن کي وڌيڪ لچڪ فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته سڌارن سان ڪاروباري ادارن تي ڪمپلائنس دٻاءُ ۾ گهٽتائي ايندي ۽ بهتر ريگيوليٽري معيار لاڳو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گهٽ پابندين سان عالمي سطح تي تسليم ٿيل هاءِ پرفارمنس ماڊلز اختيار ڪري لسٽڊ ڪمپنين جي ساختي مسئلن جو حل تلاش ڪري رهيا آهيون. هارون اختر چيو ته سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ريگيوليٽري نظام کي سادو ۽ مؤثر بڻائي رهيا آهيون. هن ٻُڌايو ته پائيدار معاشي ترقي کي نظر ۾ رکندي اهي سڌارا نجي شعبي سان مشاورت سان تيار ڪيا ويا. هن چيو ته عالمي معيار موجب سڌارا جاتي قدم پاڪستان جي ڪيپيٽل مارڪيٽ فريم ورڪ کي مضبوط بڻائيندا. ڪارپوريٽ سيڪٽر جي جديد گهرجن سان هم آهنگي پيدا ڪندا ۽ ڪاروبار لاءِ بهتر ماحول فراهم ڪندا.











