اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيندي ئي پاڪستان ۽ چين معاشي، واپاري، صنعتي ۽ فني تعاون کي نَون بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ 4 سالن وارو ايڪشن پلان 2029ع-2025ع تي اڳڀرائي تيز ڪري ڇڏي آهي. ايڪشن پلان تحت خصوصي اقتصادي زونز ۾ صنعتي ترقي، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ، سامونڊي معيشت جي مضبوطي، تيل ۽ گيس جي …
سي پيڪ فيز ٽو، پاڪستان ۽ چين ايڪشن پلان تعاون، ترقي ۽ خوشحاليءَ جو نئون سنگ ميل

مزید خبریں
اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿيندي ئي پاڪستان ۽ چين معاشي، واپاري، صنعتي ۽ فني تعاون کي نَون بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ 4 سالن وارو ايڪشن پلان 2029ع-2025ع تي اڳڀرائي تيز ڪري ڇڏي آهي. ايڪشن پلان تحت خصوصي اقتصادي زونز ۾ صنعتي ترقي، زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ، سامونڊي معيشت جي مضبوطي، تيل ۽ گيس جي ذخيرن جي ڳولا ۽ گوادر بندرگاهه کي علائقائي ٽرانزٽ حب بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي، ان قدمن جو مقصد پاڪستان جي صنعتي بنياد کي مضبوط ڪرڻ ۽ سڌيءَ ريت پرڏيهي سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ آهي. سي پيڪ فيز 2 ۾ ٻن وڏن منصوبن ايم ايل ون ريلوي اپ گريڊيشن ۽ قراقرم هاءِ وي جي بهتريءَ کي ترجيح حاصل آهي. ان منصوبن جي تڪميل سان پاڪستان چين ۽ وچ ايشيا وچ ۾ زميني رابطا مضبوط ٿيندا ۽ خطي ۾ واپار ۽ اچ وڃ جي رفتار وڌندي. ايڪشن پلان تحت ڪسٽمز، پوسٽل، اِي ايوي ايشن ۽ ڊجيٽل ڪنيڪوٽي سسٽمز کي شديد ترين عالمي معيار موجب اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي ته جيئن واپار ۽ لاجسٽڪس ۾ شفافيت، رفتار ۽ مؤثريت کي يقيني بڻائي سگهجي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، آءِ ٽي، انساني وسيلن ۽ هاءِ ٽيڪ انوويشن ۾ به تعاون ۾ اضافو طئي ٿيو آهي. سي پيڪ فيز 2 ۾ نجي شعبي جو ڪردار نمايان آهي، هاڻوڪي پاڪ- چين بزنس ڪانفرنس ۾ هزار کان وڌيڪ ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي، 3 هزار کان وڌيڪ بزنس ٽو بزنس ملاقاتون منعقد ٿيون. هي پهريون موقعو هو ته ٻنهي ملڪن جي نجي شعبي ايتري وڏي پيماني تي سڌيءَ ريت ڪاروباري رابطا قائم ڪيا. پاڪستاني شين جي چين تائين رسائي وڌائڻ ۽ روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ خصوصي ايڪسپورٽ ورڪنگ گروپ به قائم ڪيو ويو آهي. فري ٽريڊ ايگريمينٽ تحت وڌيڪ واپاري سهولتون سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، ڪاروباري وفدن جي مٽاسٽا ۽ گڏيل صنعتي منصوبن تي اڳڀرائي جاري آهي. ٻنهي ملڪن معيشت، ٽيڪنالاجي ۽ مين پاور جي شعبي ۾ مستقبل جي ضرورتن موجب نئين تعاون تي به اتفاق ڪيو آهي. سي پيڪ فيز 2 پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ ۽ علائقائي رابطا ڪاري لاءِ بنيادي ٿنڀ ثابت ٿيندو. پاڪستان چين سان ان حصيداريءَ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي.











