پشاور ڌماڪي ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل چوريءَ جي نڪتي، پوليس عملدار

پشاور-27 نومبر (اي پي پي) پشاور ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي ٿيل حملي جي سلسلي ۾ نئين معلومات سامهون آئي آهي، ان موجب ڌماڪي ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل چوريءَ جي نڪتي. دهشتگرديءَ جي خاتمي واري اداري سي ٽي ڊي ۽ خيبر پختونخوا پوليس موجب حملي آورن طرفان استعمال ڪيل موٽر سائيڪل چوريءَ جي نڪتي. پوليس عملدارن ٻُڌايو ته ڄاڻايل موٽر سائيڪل راولپنڊي مان چوري ٿي ۽ لاڳاپيل ٿاڻي …

پشاور-27 نومبر (اي پي پي) پشاور ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي ٿيل حملي جي سلسلي ۾ نئين معلومات سامهون آئي آهي، ان موجب ڌماڪي ۾ استعمال ٿيل موٽر سائيڪل چوريءَ جي نڪتي. دهشتگرديءَ جي خاتمي واري اداري سي ٽي ڊي ۽ خيبر پختونخوا پوليس موجب حملي آورن طرفان استعمال ڪيل موٽر سائيڪل چوريءَ جي نڪتي. پوليس عملدارن ٻُڌايو ته ڄاڻايل موٽر سائيڪل راولپنڊي مان چوري ٿي ۽ لاڳاپيل ٿاڻي ۾ ان جي ايف آءِ آر به داخل هئي. موٽر سائيڪل جي چوري ٿيڻ کانپوءِ دهشتگردن ان کي حملي لاءِ استعمال ڪيو. ان بابت جاچ تيزيءَ سان جاري آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته حملي بابت ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي. کانئن پُڇاڳاڇا جو عمل جاري آهي ته جيئن حملي پُٺيان منصوبا سازن ۽ امڪاني دهشتگردي نيٽ ورڪ جو پتو لڳائي سگهجي. واضح رهي ته پشاور ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي خودڪش حملي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 10 ٻيا زخمي ٿيا هئا. ان دوران سيڪيورٽي فورسز 3 دهشتگردن کي موقعي تي ماري ڇڏيو هو. عملدارن جو چوڻ آهي ته جاچ کانپوءِ وڌيڪ اڳڀرائيءَ جي حوالي سان عوام کي آگاهه ڪيو ويندو ۽ دهشتگردن جي پُٺڀرائي ڪندڙ ڌُرين خلاف به ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

مزید خبریں