آرمي سليڪشن ۽ ريڪروٽمينٽ سينٽر حيدرآباد پاران سپاهين جي ڀرتي جو عمل پهرين ڊسمبر کان شروع ڪيو ويندو: پڌرائي

حيدرآباد-27 نومبر (اي پي پي) آرمي سليڪشن ۽ ريڪروٽمينٽ سينٽر حيدرآباد پڌرو ڪيو آهي ته قوم جي بقاءَ،  وطن جي حفاظت ، ملڪي سلامتي ۽ سرحدن جي حفاظت لاءِ پاڪستان آرمي ۾ سپاهين جي ڀرتي جو عمل پهرئين ڊسمبر کان شروع ڪيو ويندو جيڪو 9 ڊسمبر تائين جاري رهندو . ان سلسلي ۾ حيدرآباد ريجن جي مختلف ضلعن ۾ نوجوانن جي رجسٽريشن ۽ ٽيسٽ جو شيڊيول پڌرو ڪيو ويو آهي …

حيدرآباد-27 نومبر (اي پي پي) آرمي سليڪشن ۽ ريڪروٽمينٽ سينٽر حيدرآباد پڌرو ڪيو آهي ته قوم جي بقاءَ،  وطن جي حفاظت ، ملڪي سلامتي ۽ سرحدن جي حفاظت لاءِ پاڪستان آرمي ۾ سپاهين جي ڀرتي جو عمل پهرئين ڊسمبر کان شروع ڪيو ويندو جيڪو 9 ڊسمبر تائين جاري رهندو . ان سلسلي ۾ حيدرآباد ريجن جي مختلف ضلعن ۾ نوجوانن جي رجسٽريشن ۽ ٽيسٽ جو شيڊيول پڌرو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته  پهرئين ڊسمبر تي سليڪشن سينٽر حيدرآباد جي ٽيم ڊي سي آفيس ٽنڊو محمد خان ، 2 ڊسمبر تي ٽائون ڪميٽي ٽنڊو الهيار ، 3 ڊسمبر تي ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ ، 4 ڊسمبر تي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل بدين ، 5 ڊسمبر تي ميونسپل ڪميٽي مٽياري ، 8 ڊسمبر تي ميونسپل ڪميٽي شهيد بينظير آباد ۽ 9 ڊسمبر تي ڪوٽڙي ٽائون ڪميٽي ۽ سيوهڻ ٽائون ڪميٽي ۾ ٽيسٽ وٺي ڀرتيون ڪندي. ترجمان ڄاڻايو آهي ته ڀرتي جا خواهشمند اميدوار گهٽ ۾ گهٽ ميٽرڪ پاس هجن ۽ عمر ساڍا 17 کان ساڍا 22 سال هجڻ گهرجي. گريجوئيٽ يا ان کان وڌيڪ تعليم وارن اميدوارن کي عمر ۾ هڪ سال جي خاص رعايت حاصل هوندي. ٽيسٽ لاءِ ايندڙ اميدوار پاڻ سان گڏ اصلي تعليمي سرٽيفڪيٽ ، ٻه عدد تصديق ٿيل فوٽو ڪاپيون ، قومي شناختي ڪارڊ يا ب ، فارم، والد جي ڪمپيوٽرائيزڊ قومي شناختي ڪارڊ جي تصديق ٿيل فوٽو ڪاپي پاڻ سان گڏ آڻين . ترجمان جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل علائقن جا ڊوميسائل رکندڙ اهڙا اميدوار جيڪي حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهن اهي آرمي سيليڪش سينٽر حيدرآباد ۾ ئي پهرئين ڊسمبر کان 9 ڊسمبر تائين اچي ٽيسٽ ڏئي سگهن ٿا.

مزید خبریں