اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت توانائي جي شعبي ۾ نوان موقعا ڳولڻ ۽ گڏيل تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ ڪويت جي سفير نصر عبدالرحمان جاسر المطيري ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري سهڪار ۽ مستقبل ۾ حصيداري جي امڪانن خاص ڪري پيٽروليم جي شعبي بابت خيالن جي ڏي …
پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان ڪويت جي سفير نصر عبدالرحمان جاسر المطيري جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڪويت توانائي جي شعبي ۾ نوان موقعا ڳولڻ ۽ گڏيل تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان پاڪستان ۾ ڪويت جي سفير نصر عبدالرحمان جاسر المطيري ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري سهڪار ۽ مستقبل ۾ حصيداري جي امڪانن خاص ڪري پيٽروليم جي شعبي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم واري وزير ڪويت جي سفير جي ڀرپور آجيان ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ سندس هاڪاري ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيندي کيس پاڪستان جو سچو دوست قرار ڏنو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، احترام ۽ ڏهاڪن تي ٻڌل توانائي ۽ پيٽروليم جي شعبن ۾ ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. علي پرويز ملڪ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. هن تبديل ٿيندڙ عالمي توانائي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي پيٽروليم جي شعبي ۾ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ڪويت جي سفير نصر عبدالرحمان جاسر المطيري چيو ته پاڪستان استحڪام ۽ ترقي طرف گامزن آهي جنهن کي ڪويت هاڪاري نظر سان ڏسي ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي واضح ترقي دشمنن کي کٽڪي رهي آهي، جيڪي ان استحڪام کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڪويت پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ان کي هر محاذ تي ترقي ڪندو ڏسڻ چاهي ٿو. ڌرين ويجهو رابطو جاري رکڻ، توانائي جي شعبي ۾ نوان موقعا ڳولڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.











