وزاير اعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل خان طرفان بيوٽي ويسٽ آفريقا 2025ع جي نمائش ۾ پاڪستان پويلين جو افتتاح

لاگوس-27 نومبر (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل خان لاگوس ۾ بيوٽي ويسٽ آفريقا 2025ع نمائش ۾ پاڪستان پويلين جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. خاص مددگار پاڪستاني نمائش ڪندڙن ۽ نائيجيريا جي صنعت جي اهم اسٽيڪ هولڊرز سان ڊنر به ڪيو. نمائش ۾ پاڪستان پويلين جي افتتاح کان اڳ راڻا احسان افضل نائيجيرين انويسٽمينٽ پروموشن ڪميشن جي ايگزيڪيٽو سيڪريٽري /سي اي او عائشه ريمي …

لاگوس-27 نومبر (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل خان لاگوس ۾ بيوٽي ويسٽ آفريقا 2025ع نمائش ۾ پاڪستان پويلين جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. خاص مددگار پاڪستاني نمائش ڪندڙن ۽ نائيجيريا جي صنعت جي اهم اسٽيڪ هولڊرز سان ڊنر به ڪيو. نمائش ۾ پاڪستان پويلين جي افتتاح کان اڳ راڻا احسان افضل نائيجيرين انويسٽمينٽ پروموشن ڪميشن جي ايگزيڪيٽو سيڪريٽري /سي اي او عائشه ريمي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائيجيريا جي سيڙپڪاري جي منظرنامي ۽ مينيوفيڪچرنگ، ايگرو پروسيسنگ، آءِ ٽي سروسز ۽ لاجسٽڪس جهڙن شعبن ۾ پاڪستانين جي شرڪت ۾ اضافي جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين اين آءِ پي سي ۽ پاڪستان جي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل وچ ۾ معلومات جي مٽاسٽا کي بهتر بڻائڻ، طريقيڪار کي هموار ڪرڻ ۽ سيڙپڪارن تائين پهچ کي آسان بڻائڻ لاءِ اداره جاتي سهڪار مضبوط بڻائڻ جو به جائزو ورتو. راڻا احسان چيو ته بيوٽي ويسٽ آفريقا 2025ع ۾ 23 پاڪستاني ڪاسميٽڪس مينيوفيڪچررز جي هڪ وفد کي ٽي ڊي اي پي ذريعي اسپانسر ڪيو ويو. پاڪستاني نمائش ڪندڙن سان نائيجيريا جا مشهور خريدار، سينئر بئنڪرز، ڪسٽم ڪليئرنگ جو هڪ اعليٰ ايجنٽ ۽ مينيوفيچررز ايسوسيئيشن آف نائيجيريا جي ڪاسميٽڪس اينڊ ڊرگس چيپٽر جو چيئرمين شامل هو.

مزید خبریں