دوحا-27 نومبر (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر قطر جي تعليم واري وزير لولوه بنت راشد اخالطر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ تعليم ۽ ووڪيشنل ٽريننگ جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بنيادي تعليم، اسڪلز ڊولپمينٽ، فني ۽ ووڪيشنل ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ، استادن جي پيشيوراڻي تربيت …
قطر ۽ پاڪستان ۾ تعليم ۽ ووڪيشنل ٽريننگ جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق

مزید خبریں
دوحا-27 نومبر (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر قطر جي تعليم واري وزير لولوه بنت راشد اخالطر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ تعليم ۽ ووڪيشنل ٽريننگ جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بنيادي تعليم، اسڪلز ڊولپمينٽ، فني ۽ ووڪيشنل ايجوڪيشن اينڊ ٽريننگ، استادن جي پيشيوراڻي تربيت ۽ ڊجيٽل لرننگ جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. تعليم وارن وزيرن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته قطر ۽ پاڪستان جي وڌندڙ حصيداري نه رڳو تعليمي معيار۽ نوجوانن کي روزگار بابت مهارتن ۾ اضافو ڪندي پر ٻنهي ملڪن جي نوجوان نسل کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيندي. مملڪتي وزير وجيهه قمر پاڪستان ۾ جاري تعليمي سڌارن، خاص طور تي ٽيوٽ ۾ جدت، اسٽيم، ٻارڙين جي تعليم ۽ ڪامپيٽينسي بيسڊ لرننگ کي هٿي ڏيڻ بابت قدمن تي روشني وجهندي قطر جي سهڪار جي آجيان ڪئي. ٻنهي طرفن کان اداره جاتي مٽاسٽا، گڏيل تحقيقي منصوبن، صلاحيتن ۾ اضافي جي پروگرامز ۽ يونيورسٽين، ٽيوٽ ادارن ۽ تعليمي عملدارن وچ ۾ سهڪار جي نون موقعن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. تعليم وارن وزيرن شاگردن ۽ استادن جي مٽاسٽا، فني سهڪار ۽ تعليمي گورننس ۽ اسڪلز ڊولپمينٽ جي بهترين تجربن جي مٽاسٽا لاءِ منظم فريم ورڪ جوڙڻ تي اتفاق ڪيو. وجيهه قمر قطر جي حڪومت طرفان ڀرپور ميزباني تي ٿورو مڃيو ۽ تعليم جي شعبي ۾ قطر سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











