خيبرپختونخوا جي قبائلي علائقن ۾ خوارجين جي ڇڏيل ڌماڪيدار مادي ۽ سرنگهن کي ختم ڪرڻ جو عمل تيزي سان جاري

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج طرفان خيبرپختونخوا جي قبائلي علائقن ۾ خوارجين جي ڇڏيل ڌماڪيدار مادي ۽ سرنگهن کي ختم ڪرڻ جو عمل تيزي سان جاري آهي، دهشتگردي خلاف جنگ دوران خيبرپختونخوا ۾ خوارجين هتي دهشتگردي پکيڙڻ ۽ سيڪيورٽي فورسز جو رستو روڪڻ لاءِ قبائلي علائقن ۾ وڏي پئماني تي بارودي سرنگهون وڇايون، تفصيل موجب خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي روڪٿام جي آپريشنز کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز انهن علائقن ۾ وڏي …

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) پاڪ فوج طرفان خيبرپختونخوا جي قبائلي علائقن ۾ خوارجين جي ڇڏيل ڌماڪيدار مادي ۽ سرنگهن کي ختم ڪرڻ جو عمل تيزي سان جاري آهي، دهشتگردي خلاف جنگ دوران خيبرپختونخوا ۾ خوارجين هتي دهشتگردي پکيڙڻ ۽ سيڪيورٽي فورسز جو رستو روڪڻ لاءِ قبائلي علائقن ۾ وڏي پئماني تي بارودي سرنگهون وڇايون، تفصيل موجب خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي روڪٿام جي آپريشنز کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز انهن علائقن ۾ وڏي پئماني تي ڊي مائننگ جو عمل شروع ڪيو، پاڪ فوج جا بهادر جوان پنهنجي جانين تي کيڏي علائقي کي بارودي سرنگهن ۽ ڌماڪيدار مادي کان پاڪ ڪري رهيا آهن. خيبرپختونخوا ۾ ڪل 114 چورس ڪلوميٽرن جي علائقي ۾ بارودي مادي ۽ سرنگهن جي نشاندهي ڪئي وئي هئي، پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ اڻٿڪ ڪوششن سبب هن وقت تائين  82 چورس ڪلوميٽر علائقي کي مڪمل طور تي ڪليئر ڪيو ويو آهي. خيبرپختونخوا ۾ باقي رهيل علائقن جي ڊي مائننگ ڏينهن رات جاري آهي. ڊي مائننگ جي ان خطرناڪ ڪاررواين دوران  پاڪ فوج جا 5 جوان شهيد جڏهن ته 115 جوان پنهنجي هٿن پيرن کان محروم ٿي چڪا آهن. پاڪ فوج طرفان علائقن کي باروي مواد کان پاڪ ڪرڻ جو مقصد عوام کي حادثن کان محفوظ رکڻ آهي.

مزید خبریں