چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان ۽ ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان پاران مفاهمتي يادداشتن تي صحيحيون

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان ۽ ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) فارما سيوٽيڪل ۽ صحت جي شعبي جي مصنوعات جي مارڪيٽ جي اثرائتي نگراني لاءِ معلومات ۽ ڊيٽا جي مٽاسٽا کي منظم ۽مستقل شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون آهن. مفاهمتي يادداشت تي چٽاڀيٽي ڪميشن جي ميبر سلمان امين ۽ ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر عبيدالله صحيحيون ڪيون. چٽاڀيٽي ڪميشن جي هيڊ …

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان ۽ ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) فارما سيوٽيڪل ۽ صحت جي شعبي جي مصنوعات جي مارڪيٽ جي اثرائتي نگراني لاءِ معلومات ۽ ڊيٽا جي مٽاسٽا کي منظم ۽مستقل شڪل ڏيڻ لاءِ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحيون ڪيون آهن. مفاهمتي يادداشت تي چٽاڀيٽي ڪميشن جي ميبر سلمان امين ۽ ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر عبيدالله صحيحيون ڪيون. چٽاڀيٽي ڪميشن جي هيڊ آفيس ۾ منعقد تقريب ۾ ڪميشن  جي ميمبر سعيد احمد نواز، ڊريپ جي ڊائريڪٽر ليگ افيئرز عامر لطيف ۽ٻنهي ادارن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، اهو ايم او يو ٻنهي ادارن وچ ۾ گڏيل سهڪار جو فريم ورڪ فراهم ڪري ٿو.ان معاهدي تحت معلومات ۽ ڊيٽا جي مٽاسٽا، گڏيل انفورسمينٽ، گمراهه ڪندڙ اشتهارن، فارما سيڪٽر ۾ غير منصفاڻي مقابلي ۽ علاج ۽ صحت بابت مصنوعات ۽ اوور دي ڪائونٽر ڪيٽيگريز ۾ شفاف مارڪيٽنگ جي دعويٰ جي نگراني کي موثر بڻايو ويندو. صحيحين واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪميشن جي ميمبر سلمان امين چيو ته خاص طور تي اهڙي ماحول ۾ جتي آن لائن اشتهار ۽ اي ڪامرس گمراهه ڪندڙ اشتهار بازي کي وڌائي ڇڏيو آهي، ٻنهي ادارن جي اها حصيداري صارفين جي تحفظ ۾ مدد ڏيندي. ان موقعي تي ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر عبيدالله چيو ته وفاقي ريگوليٽري ادارا پنهنجي پنهنجي دائري ڪار ۾ ڪم ڪندا آهن، پر انهن جو مقصد گڏيل آهي. هن چيو ته فارما سيوٽيڪل سيڪٽر ۾ قيمتن کي ڊي ريگوليٽ ڪيو ويو آهي، پر فارما ڪمپنين کي مارڪيٽ جي اصولن جي پاسداري ۽ سپلائي بابت چئلينجز گڏيل نگراني جي گهر ڪن ٿا. هن جو چوڻ هو ته ادارن وچ ۾ سهڪار ۽ هم آهنگي ريگوليٽري نتيجن کي بهتر بڻائي ٿي ۽ ضروري دوائن جي مناسب دستيابي ۽ منصفاڻي قيمتن کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ڏي ٿي.اي

مزید خبریں