صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت هيٺ اجلاس

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت هيٺ خميس ڏينهن اهم اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ازبڪستان جي سفير عليشير تختيو، پاڪستاني ڪمرشل اتاشي ظهير عباس، راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس جي صدر عثمان شوڪت ۽ سندس وفد شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس جي 150 رڪني واپاري وفد جي ازبڪستان جي تازي دوري تي تفصيلي …

اسلام آباد-27 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر جي صدارت هيٺ خميس ڏينهن اهم اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ازبڪستان جي سفير عليشير تختيو، پاڪستاني ڪمرشل اتاشي ظهير عباس، راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس جي صدر عثمان شوڪت ۽ سندس وفد شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس جي 150 رڪني واپاري وفد جي ازبڪستان جي تازي دوري تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ صحت، فارما، سياحت ۽ تعميرات سان لاڳاپيل ماهر شامل هئا. وفد ازبڪستان ۾ پنهنجي تجربن، مختلف شعبن ۾ امڪاني تعاون ۽ سيڙپڪاري جي موقعن بابت جامع رپورٽ پيش ڪئي. راولپنڊي چيمبر جي صدر ٻڌايو ته وفد ازبڪ فارما پارڪ، ايڪسيلينس سينٽر، آءِ سي ٽي سينٽر، ٽيڪنيڪل يونيورسٽي ۽ بزنس سينٽر جو دورو ڪيو جتي کيس ازبڪستان جي صنعتي ترقي ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين بابت بريف ڪيو ويو. راولپنڊي چيمبر پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدن ۾ توسيع ۽ سياحت، دفاع، ٽيڪنالاجي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي سفارش ڪئي. چيمبر هارون اختر جي دلچسپي، تعاون ۽ ازبڪستان جي دوري کي ساراهيو. هارون اختر خان وفد جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪ – ازبڪ لاڳاپا مختلف شعبن ۾ تيزي سان وڌي رهيا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب وچ ايشيائي ملڪن سان لاڳاپن کي نئون رخ ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته نئين قومي صنعتي پاليسي ۽ ريگوليٽري سڌارن جو بنيادي مقصد سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ ۽ علائقائي اقتصادي رابطن کي مضبوط ڪرڻ آهي.هن چيو ته سياحت جو شعبو بي پناهه امڪان رکي ٿو ۽ پاڪستان ازبڪستان سان ان ميدان ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائيندو. ازبڪ سفير واپاري وفد جي دوري ۽ دلچسپي کي ساراهيندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں