اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سينيٽ جي سيڪريٽري سيد حسنين حيدر جي امڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪرڻ لاءِ سندس رهائشگاهه پهتو. سينيٽ چيئرمين مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ سيد حسنين حيدر ۽ سندن وارثن سان دلي همدردي …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ سيڪريٽري جي گهر آمد، امڙ جي لاڏاڻي تعزيت جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، سينيٽ جي سيڪريٽري سيد حسنين حيدر جي امڙ جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪرڻ لاءِ سندس رهائشگاهه پهتو. سينيٽ چيئرمين مرحومه جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دُعا ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ سيد حسنين حيدر ۽ سندن وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ ڪجهه وقت ساڻس گڏ گذاريو.











