جديد واپاري مرڪز سيڙپڪاريءَکي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا: قيصر احمد شيخ

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته جديد واپاري مرڪز سيڙپڪاريءَکي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ اهڙا منصوبا پاڪستان جي ريٽيل انڊسٽري کي جديد رُخن تي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. وفاقي وزير واهه ڪينٽ ۾ جديد طرز تي تعمير ٿيل شاپنگ مال جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ واپارين، صنعتڪارن، مقامي قيادت ۽ ريئل …

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) بورڊ آف انويسٽمينٽ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته جديد واپاري مرڪز سيڙپڪاريءَکي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ اهڙا منصوبا پاڪستان جي ريٽيل انڊسٽري کي جديد رُخن تي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. وفاقي وزير واهه ڪينٽ ۾ جديد طرز تي تعمير ٿيل شاپنگ مال جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ واپارين، صنعتڪارن، مقامي قيادت ۽ ريئل اسٽيٽ سيڪٽر سان واڳيل شخصيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وفاقي وزير خطاب ڪندي چيو ته جديد واپاري مرڪز سيڙپڪاريءَکي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ اهڙا منصوبا پاڪستان جي ريٽيل انڊسٽريءَ کي جديد رُخن تي آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. هن چيو ته حڪومت سيڙپڪاري دوست ماحول جي بحالي کي پهرين ترجيح ڏئي رهي آهي. هن چيو ته معياري انفراسٽرڪچر معاشي سرگرمين ۾ تيزي ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ جو سبب بڻجي ٿو. بورڊ آف انويسٽمينٽ ڪاروباري ماحول کي آسان بنائڻ، قانونن ۾ سڌارن ۽ سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون. قيصر احمد شيخ چيو ته اسلام آباد ۾ بزنس فيسيليٽيشن سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، جتي سيڙپڪارن کي سموريون سرڪاري خدمتون هڪ ئي جاءِ تي ميسر هونديون. ڪاروباري اجازت نامن کي حاصل ڪرڻ ۾ نمايان بهتري ۽ تيزي آئي آهي، آسان ڪاروبار ايڪٽ بل قومي اسيمبليءَ مان منظور ڪرايو ويو آهي ته جيئن ڪاروباري طبقي کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪري سگهجن، بزنس ڪميونٽي تي 80 سيڪڙو غير ضروري پابنديون ختم ڪيون ويون آهن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر جي شموليت اُسرندڙ معيشت جو بنياد آهي ۽ حڪومت ڪاروباري طبقي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهي آهي. ان موقعي تي هن اڳوڻي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ دؤر ۾ طاقتور طبقي کي اربين رپين جا قرض ڏنا ويا جڏهن ته موجوده حڪومت حقيقي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري طبقي کي سهولت فراهم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهي آهي. قيصر احمد شيخ، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڳواڻيءَ کي ساراهيندي چيو ته هن جنگ ۾ پاڻ کان 10 ڀيرا وڌيڪ طاقتور ملڪ کي شڪست ڏئي تاريخ لکي. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ، ڪاروباري آسانيون ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ واڌ لاءِ پنهنجا قدم جاري رکندو.

مزید خبریں