اسلام آباد - 26 نومبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته حڪومت ثقافتي شعبي کي مضبوط بڻائڻ ۽ عورتن جي قومي ترقي ۾ فعال شرڪت جي حوصلا افزائي جي لاءِ پرعزم آهي، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت عورتن جي تعليم، هنر ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ ۾ هر طرح جو تعاون ڪري رهي آهي ۽ اهو سلسلو مستقبل ۾ …
حڪومت ثقافتي شعبي کي مضبوط بڻائڻ ۽ عورتن جي قومي ترقي ۾ فعال شرڪت جي حوصلا افزائي جي لاءِ پرعزم آهي: اورنگزيب خان کچي

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته حڪومت ثقافتي شعبي کي مضبوط بڻائڻ ۽ عورتن جي قومي ترقي ۾ فعال شرڪت جي حوصلا افزائي جي لاءِ پرعزم آهي، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وزارت عورتن جي تعليم، هنر ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ ۾ هر طرح جو تعاون ڪري رهي آهي ۽ اهو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهندو، ثقافت ۽ ورثي جي فروغ ۾ عورتن جو ڪردار انتهائي اهميت رکي ٿو ۽ حڪومت عورتن جي ترقي جي لاءِ نوان قدم جاري رکندي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊريم پاڪستان، سنڌو ويلفيئر ٽرسٽ ۽ گروئنگ وومين جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ”گروئنگ وومين ريبلڊ پاڪستان“ جي عنوان سان هڪ پروقار ايونٽ پڻ منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستاني معاشرو نيڪ نيتي، خيرات ۽ اجتماعي ڀلائي جي قدرن ۾ سڄي دنيا ۾ نمايان مقام رکي ٿو. ثقافتي سمجهه ۽ ڪميونٽي جي ترقي جي منصوبن جي لاءِ پي اين سي اي ۽ لوڪ ورثو تعاون جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته تازو ئي وزارت جي اهتمام هيٺ منعقد لوڪ ميلا ۾ عورت فنڪارن ۽ وزيٽرز جو انگ مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ رهيو، اها ڳالهه عورتن جي فنون ۽ ثقافت ۾ دلچسپي کي ظاهر ڪري ٿي.

ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي تقريب ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هن تنظيم جي ثقافتي اوسر کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪردار کي ساراهيو ۽ پاڪستاني ورثي جي مختلف رنگن کي اجاگر ڪرڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ عورتن جي ترقي جي لاءِ اي پي پي جي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي گروئنگ وومين جي باني سي اي او رومانه چوڌري پنهنجي اداري جي ڪارڪردگي تي روشني وڌي ۽ عورتن جي لاءِ نئين منصوبن جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته گروئنگ وومين عورتن کي مختلف شعبن ۾ عملي تربيت ڏني جن مان 30 کان 35 سيڪڙو عورتن کي روزگار سان لڳائڻ جو پڻ بندوبست ڪيو. ڊريم پاڪستان جي چيئرمين ايڊووڪيٽ منير عثماني شرڪت ڪندڙن، ميڊيا جي نمائندن ۽ سول سوسائٽي جا ٿورا ادا ڪندي پروگرام جي مقصدن ۽ ان جي مختلف رخن بابت آگاهه ڪيو ۽ عورتن جي سماجي ۽ معاشي شموليت جي لاءِ اداري جي ڪوششن تي روشني وڌي. سي اي او سنڌو ويلفيئر ٽرسٽ ڊاڪٽر افشان ملڪ عورتن جي محنت، جدوجهد ۽ ڪاميابين کي ساراهيو. هن ٽرسٽ جي ڪارڪردگي، جاري منصوبن ۽ عورتن جي ڀلائي جي لاءِ مستقبل جي منصوبن تي خيالن جو اظهار ڪيو. سادات گروپ جي چيئرمين سيد سادات شاهه نوجوانن خاص طور تي عورت اڳواڻن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن پنهنجي اداري پاران عورتن جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته عورتن جي شموليت ئي مستحڪم معاشري جو بنياد آهي. ان موقعي تي ٽريننگ اينڊ بزنس انڪيوبيشن سينٽر، عورتن کي مفت طبي سهولتن ۽ ريليف سپورٽ بابت دستاويزي فلم ڏيکاري وئي جنهن ۾ عورتن کي سماجي ۽ معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي حوالي سان گڏيل تعاون کي اجاگر ڪيو ويو. فوڪل پرسن پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام فار وومين انيشي ايٽو اسلام آباد پڻ تقريب جي ڪامياب انعقاد تي منتظمين جا ٿورا ادا ڪيا ۽ عورتن جي لاءِ جاري سرڪاري قدمن ۽ موقعن تي روشني وڌي. تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نمايان شخصيتن، عورت اڳواڻن، سماجي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن ڀرپور شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن منتظمين جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ اهڙين سرگرمين جي تسلسل جي ضرورت تي زور ڏنو.











