مناما - 26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين سياسي،اقتصادي، دفاعي ۽ ثقافتي شعبن سميت ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪندي پراڻي دفاعي حصيداري جي اهميت جوورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف بحرين سان واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي خواهش کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان – جي سي سي آزاد واپاري معاهدي، جيڪو پنهنجي حتمي مرحلن ۾ داخل …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه سان ملاقات، مُختلف شعبن سميت ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
مناما – 26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين سياسي،اقتصادي، دفاعي ۽ ثقافتي شعبن سميت ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪندي پراڻي دفاعي حصيداري جي اهميت جوورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف بحرين سان واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي خواهش کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان – جي سي سي آزاد واپاري معاهدي، جيڪو پنهنجي حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي، سان ٻطرفي واپار کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف بحرين جي بادشاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڀائر ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ تاريخي حصيداري تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شاندار استقبال تي حمد بن عيسيٰ الخليفه جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان سان بحرين جي پراڻي خيرسگالي کي ساراهيو. هن امن، ڀائيچاري ۽ گڏيل بقاءَ کي فروغ ڏيڻ ۾ بحرين جي قيادت کي ساراهيو. ملاقات دوران بحرين جي بادشاهه وزيراعظم محمد شهباز شريف کي آرڊر آف بحرين (فرسٽ ڪلاس) پيش ڪيو جيڪو بحرين پاران عالمي سربراهن کي پيش ڪيو ويندڙ سڀ کان وڏو اعزاز آهي. ملاقات ۾ بحرين جي بادشاهه ٻڌايو ته بحرين کي اهو اعزاز حاصل آهي ته قائداعظم محمد علي جناح بحرين جي قانوني نمائندگي ڪئي. بحرين جي بادشاهه ٻڌايو ته سندس رڪارڊ ۾ موجود دستاويز موجب محمد علي جناح بحرين جو وڪيل رهيو. ٻنهي طرفن ٻطرفي لاڳاپن ۾ حوصلي جوڳي رفتار جو جائزو ورتو ۽ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ ثقافتي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم گڏيل ايمان ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سيپٽمبر 2025ع ۾ اسلام آباد ۾ ڪنگ حمد يونيورسٽي فار نرسنگ اينڊ الائيڊ ميڊيڪل سائنسز قائم ڪرڻ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي بحرين جي قيادت جا ٿورا مڃيا. اقتصادي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي خواهش کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان – جي سي سي آزاد واپاري معاهدي جيڪو پنهنجي حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي، سان ٻطرفي واپار کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. هن بحريني سيڙپڪارن کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ذريعي پاڪستان ۾ مختلف شعبن خاص طور تي غذائي تحفظ، آءِ ٽي، اڏاوتن، کاڻين جي کوٽائي، سياحت ۽ صحت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. وزيراعظم بحرين ۾ 150000 کان وڌيڪ پاڪستانين کي فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن ۽ مهمان نوازي کي پڻ ساراهيو ۽ پاڪستاني قيدين جي وطن واپسي تي حمد بن عيسيٰ الخليفه جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن پراڻي دفاعي حصيداري جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي فني تربيت، لاجسٽڪس، افرادي قوت ۽ دفاعي پيداوار ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه جي تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي اتفاق ڪيو ته غزه جي عوام، جيڪا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مصيبتن جو شڪار آهي، جي لاءِ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ انتهائي خوش آئنده آهي، جنهن جي غزه جي عوام وڏي عرصي کان منتظر هئي. ملاقات جي پڄاڻي تي ڌرين ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هي دورو پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پائيدار دوستي ۽ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو. ملاقات جي پڄاڻي تي بحرين جي بادشاهه وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفدن جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.











