قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سان بلوچستان جي وڏي وزير جي ملاقات

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان جي سياسي، سماجي ۽ ترقياتي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ مطابق ان موقعي تي سردار اياز صادق، بلوچستان جي وڏي وزير جي تبديليءَ بابت گردش ڪندڙ خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته بلوچستان جي …

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز احمد بگٽي پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان جي سياسي، سماجي ۽ ترقياتي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ مطابق ان موقعي تي سردار اياز صادق، بلوچستان جي وڏي وزير جي تبديليءَ بابت گردش ڪندڙ خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته بلوچستان جي اتحادي حڪومت صوبي جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسپيڪر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي مجموعي ترقي آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ جاري وڏا ترقياتي منصوبا سٺو سنوڻ آهن ۽ وفاق هر سطح تي صوبائي حڪومت سان مڪمل سهڪار جاري رکندو. هن چيو ته صوبي جي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ اولين ترجيح آهي ۽ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ مضبوط رابطن سان عوامي مسئلا حل ڪرڻ ۾ بهتري ايندي. ملاقات دوران عوامي ڀلائيءَ جي جاري منصوبن، وفاقي معاونت ۽ سيڪيورٽي انتظامن تي به ڳالهيون ٿيون. ٻنهي اڳواڻن بلوچستان جي خوشحالي ۽ پائيدار ترقيءَ لاءِ گڏيل سهڪار وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وڏي وزير، اسپيڪر جي پارلياماني خدمتن، ايوان جي ڪارراوئي کي سٺي طريقي هلائڻ ۽ بلوچستان اسيمبليءَ ۾ قانونسازيءَ جي سلسلي ۾ قومي اسيمبليءَ جي سهڪار کي ساراهيو. هن چيو ته بلوچستان جي عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگرديءَ خلاف جنگ فرنٽ لائن تي آهن. هن چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته پارليامينٽ صوبن جو مضبوط آواز آهي جيڪو هر سطح تي رهنمائي فراهم ڪري ٿو.

مزید خبریں