راولپنڊي-26 نومبر (اي پي پي) عهدو ڇڏيندڙ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته موجوده جيو اسٽريٽجڪ ماحول ۾ مضبوط قومي دفاع، قومي سلامتيءَ جو بنيادي ٿنڀ آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز ۾ هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ عهدو ڇڏيندڙ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد …
موجوده جيو اسٽريٽجڪ ماحول ۾ مضبوط قومي دفاع، قومي سلامتيءَ جو بنيادي ٿنڀ آهي: جنرل ساحر شمشاد مرزا

مزید خبریں
راولپنڊي-26 نومبر (اي پي پي) عهدو ڇڏيندڙ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته موجوده جيو اسٽريٽجڪ ماحول ۾ مضبوط قومي دفاع، قومي سلامتيءَ جو بنيادي ٿنڀ آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان مطابق جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز ۾ هڪ خاص تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ عهدو ڇڏيندڙ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا کي سندس 40 سالن جي شاندار عسڪري خدمتن جي اعتراف ۾ خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ اڳوڻي چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ ٽنهي هٿياربند فوجن جي سينيئر عسڪري آفيسرن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ عهدو ڇڏيندڙ چيئرمين الله تعاليٰ جو شڪر ڪيو ته کيس پنهنجن فرضن کي ڀرپور محنت، پيشيوراڻي مهارت ۽ بي لوث جذبي سان ادا ڪرڻ جي توفيق ڏني. هن مادرِ وطن جي دفاع ۾ هٿياربند فوج جي لازوال قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ هٿياربند فوج جي شهيدن ۽ سندن ڪٽنبن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن خاطري ڪرائي ته قوم جو دفاع ناقابل تسخير آهي ۽ اسان جا بهادر آفيسر ۽ جوان ان کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ هميشه تيار بيٺل آهن. ان کان اڳ جڏهن هو جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽرز پهتو ته ٽنهي هٿياربند فوجن جي هڪ چست جٿي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو.











