اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پاڪستان جي سائنسي ۽ فني صلاحيتن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ تاريخي قدم کڻندي ملڪ جي پهرين عوامي ۽ نجي شعبي جي جينيات جي گڏيل منصوبي جي شروعات ڪئي آهي. اهو انقلابي قدم ملڪ جي تحقيقاتي ادارن کي مستحڪم ڪرڻ، زرعي جدت کي هٿي ڏيڻ ۽ مقامي جينياتي تحقيق ۽ تشخيص ذريعي صحت …
وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي قيادت ۾ ملڪ جي پهرين عوامي ۽ نجي شعبي جي جينيات جي گڏيل منصوبي جي شروعات

مزید خبریں
اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پاڪستان جي سائنسي ۽ فني صلاحيتن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هڪ تاريخي قدم کڻندي ملڪ جي پهرين عوامي ۽ نجي شعبي جي جينيات جي گڏيل منصوبي جي شروعات ڪئي آهي. اهو انقلابي قدم ملڪ جي تحقيقاتي ادارن کي مستحڪم ڪرڻ، زرعي جدت کي هٿي ڏيڻ ۽ مقامي جينياتي تحقيق ۽ تشخيص ذريعي صحت جي شعبي کي بهتر بنائڻ لاءِ آهي. اهو منصوبو نيشنل انسٽيٽيوٽ فار جينيات اينڊ ايڊوانسڊ بائيو ٽيڪنالاجي، پي اي آر سي ايگرو ٽيڪ ڪمپني جيڪا پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل تحت آهي ۽ بليوزن ڊائيگنو سٽڪس وچ ۾ سهڪار تي ٻَڌل آهي. افتتاحي تقريب اين آءِ جي اي بي، اين اي آر سي اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ قومي ۽ عالمي ماهرن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پي اي آر سي چيئرمين ڊاڪٽر سيد مرتضيٰ حسن اندرابي، پاڪ چائينا بزنس فورم جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم، ڊائريڪٽر جنرل اين اي آر سي ڊاڪٽر خالد محمود، ڪمانڊنٽ ايس آءِ بي جي اي برگيڊيئر علي رضا، ڊائريڪٽر اين آءِ جي اي بي ڊاڪٽر شوڪت علي ۽ سينيئر عملدارن سميت اسٽيڪ هولڊرن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ چيني محققن جو وفد به شامل ٿيو جنهن ان منصوبي جي ڪاميابيءَ لاءِ مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. وفاقي وزير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اهو گڏيل منصوبو پاڪستان جي غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ قومي تحقيقاتي ادارن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم سنگِ ميل آهي. هن چيو ته هي منصوبو پاڪستان جي سائنسي منظرنامي کي بدلائڻ لاءِ اسان جي عزم جو مظهر آهي. مقامي جينياتي صلاحيتن جي ترقيءَ ذريعي اسان پنهنجي محققن، آبادگارن ۽ صحت جي ماهرن کي جديد رُخن تي آڻڻ لاءِ اثرائتا ٽولز فراهم ڪري رهيا آهيون. اهو منصوبو زرعي تحقيق ۽ ڪلينيڪل سڃاڻپ ٻنهي لاءِ مقامي ڊي اين اي سيڪوينسنگ جون خدمتون فراهم ڪندو جنهن سان پاڪستان جو غير ملڪي خدمتن تي ڀاڙڻ نمايان طور تي گهٽ ٿيندو. ان سان غير ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي جي بچت ۾ مدد ملندي ۽ سائنسي ترقيءَ کي هٿي ملندي. اهو قدم وزيراعظم ۽ حڪومت جي وسيع ويزن جي مطابق آهي جيڪي جديد ٽيڪنالاجين ذريعي شهرين جي زندگين کي بهتر بنائڻ ۽ ڊگهي مُدي واري غذائي تحفظ کي يقيني بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ان منصوبي جي ڪاميابي پاڪستان جي قومي تحقيقاتي صلاحيت کي وڌائيندي، جديد جينياتي ٽيڪنالاجيز جي واپار کي هٿي ڏيندي ۽ بائيو ٽيڪنالاجي بابت ترقيءَ لاءِ نوان رستا کوليندي. مقامي سطح تي محققن کي انقلابي تحقيق ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري اهو سهڪار پاڪستان کي جينيات جي تحقيق ۽ بائيو ٽيڪنالاجيءَ ۾ هڪ علائقائي اڳواڻ طور سامهون آڻيندو.











