قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان جرمني جي سفير ايناليپل جي ملاقات

اسلام آباد- 26 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان جرمني جي سفير ايناليپل ملاقات پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ – جرمني ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر جرمن سفارتڪار سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ پارلياماني ۽ عوامي رابطا اهميت وارا آهن. ٻنهي اڳواڻن پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا …

اسلام آباد- 26 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان جرمني جي سفير ايناليپل ملاقات پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ – جرمني ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر جرمن سفارتڪار سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ پارلياماني ۽ عوامي رابطا اهميت وارا آهن. ٻنهي اڳواڻن پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ کي مڪمل طور تي شمسي توانائي تي منتقل ٿيل دنيا جي پهرين پارليامينٽ هجڻ جو اعزاز حاصل آهي. پارليامينٽ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ خصوصي ڪاڪسز ٺاهيا ويا آهن. پاڪستان ۾ ٿيل تازي دهشتگردي جي واقعن جون ڪڙيون افغانستان سان ملن ٿيون. افغان سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي خلاف استعمال ٿي رهي آهي. پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان 40 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي. سمورا مذهب انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کان منع ڪن ٿا. تڪرارن جو پرامن حل خطي جي سلامتي لاءِ اڻٽر آهي. پارلياماني رابطا ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. پارليامينٽ ۾ صنفي برابري لاءِ ٻنهي ايوانن تي ٻڌل خصوصي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب متاثر ٿيل ملڪن ۾ پهرين صف ۾ شامل آهن. اسپيڪر موسمياتي تبديلين جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڀريو. جرمن سفير ايناليپل پاڪستان جي پارلياماني روايتن ۽ سڌارن وارن قدمن کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ جاري صنفي برابري کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻارن جي حقن لاءِ سڌارا واکاڻ جوڳا آهن. جرمني پاڪستان سان پارلياماني رابطن کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. جرمني پاڪستان سان اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو. سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ کنيل قدم واکاڻ جوڳا آهن. پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ لازوال قربانيون ڏنيون آهن.

مزید خبریں