پاڪستان ۾ زيتون جي پوکي جو سفر عالمي سطح تي تيزي سان تسليم ڪيو پيو وڃي: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ زيتون جي پوکي جو سفر عالمي سطح تي تيزي سان تسليم ڪيو پيو وڃي ۽ هي شعبو ملڪ جي پائيدار زراعت لاءِ نيون راهون هموار ڪري رهيو آهي. زيتون جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان زيتون جي پوکي ذريعي …

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ زيتون جي پوکي جو سفر عالمي سطح تي تيزي سان تسليم ڪيو پيو وڃي ۽ هي شعبو ملڪ جي پائيدار زراعت لاءِ نيون راهون هموار ڪري رهيو آهي. زيتون جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان زيتون جي پوکي ذريعي نه رڳو پائيدار زرعي ترقي طرف گامزن آهي پر ان سان زمين جي بحالي، پاڻي جي محفوظ استعمال ۽ بهتر ماحولياتي توازن جا مقصد به حاصل ٿي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جو وسيع جاگرافي علائقو زيتون جي پوکي لاءِ موزون آهي جنهن سان زيتون جي صنعت لاءِ نوان امڪان سامهون اچي رهيا آهن ۽ لکين ماڻهن کي روزگار جا موقعا ميسر اچي رهيا آهن. راڻا تنوير حسين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته زيتون جي پوکي پاڪستان جي ٻهراڙي واري معيشت ۾ نئون روح ڦُوڪي ڇڏيو آهي ۽ ملڪي سطح تي تيار ٿيندڙ زيتون جو تيل عالمي معيار موجب آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي جهنگلي زيتون جي وسيلن کي جديد تحقيق، جديد ٽيڪنالاجي ۽ عالمي معيار جي پراسيسنگ ذريعي هڪ مضبوط صنعت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي وزير چيو ته زيتون جي صنعت ۾ ترقي عالمي حصيداري ۽ فني تعاون جو نتيجو آهي. پاڪستان عالمي حصيدارن سان گڏجي زيتون جي پيداوار، معيار ۽ ويليو ايڊيشن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته پاڪستان جو هدف زيتون جي تيل جي عالمي روانگي واپار ۾ پنهنجو حصو وجهڻ آهي جنهن سان معاشي استحڪام ۽ واپاري توازن ۾ مثبت اثر پوندا. پنهنجي پيغام ۾ راڻا تنوير حسين ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته زيتون جي وڏي پئماني تي پوکي موسمياتي تبديلين جو مقابلو ڪرڻ جي هڪ موثر حڪمت عملي بڻجي چڪي آهي. ان صنعت کي هٿي ڏيڻ سان نه رڳو ماحول دوست زراعت کي تحفظ مليو آهي پر پاڪستان لاءِ هڪ پائيدار، سبز ۽ محفوظ مستقبل جو بنياد به مستحڪم ٿيندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته زيتون جي صنعت مان نه رڳو ملڪ ۾ غربت جي خاتمي ۾ مدد ملندي پر پاڪستان جلد زيتون جي تيل جي عالمي صنعت ۾ قابل ذڪر مقام حاصل ڪندو.

مزید خبریں