مضبوط ۽ مستحڪم معيشت لاءِ نجي شعبي کي سهولتن جي فراهمي ضروري آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته مضبوط ۽ مستحڪم معيشت لاءِ نجي شعبي کي سهولتن جي فراهمي ضروري آهي، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ معيشت مستحڪم ٿي وئي آهي ۽ اهم اقتصادي اهڃاڻن سان ان جي عڪاسي به ٿي رهي آهي، ٽيڪس جي بنياد ۾ وسعت، ليڪيجز جو خاتمو ۽ ٽيڪس نظام ۾ اسان جو واضح موقف آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن …

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته مضبوط ۽ مستحڪم معيشت لاءِ نجي شعبي کي سهولتن جي فراهمي ضروري آهي، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ معيشت مستحڪم ٿي وئي آهي ۽ اهم اقتصادي اهڃاڻن سان ان جي عڪاسي به ٿي رهي آهي، ٽيڪس جي بنياد ۾ وسعت، ليڪيجز جو خاتمو ۽ ٽيڪس نظام ۾ اسان جو واضح موقف آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ گورننس جي بهتري ۽ نجڪاري جو عمل مرحليوار انداز ۾ اڳتي وڌايو پيو وڃي. پاڪستان بزنس ڪائونسل جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب ۾ پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ منظرنامي جي موضوع تي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت نجي شعبي جي قيادت ۾ روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار اقتصادي ترقي ۽ اوسر لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم مختلف شعبن جي ترقي لاءِ نجي شعبي جي قيادت ۾ گروپس جوڙيا آهن، جن جي تجويزن ۽ سفارشن تي موثر انداز ۾ عملدرآمد ٿي رهيو آهي، پاڪستان بزنس ڪائونسل طرفان ايڪسپورٽ ترقياتي سرچارج ۾ گهٽتائي جي تجويز سامهون آئي هئي جنهن جنهن تي وزيراعظم ان کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، نجي شعبو ملڪ کي اڳتي وٺي وڃي رهيو آهي، عالمي منظرنامي ۾ به نجي شعبي جو اهم ڪردار رهيو آهي، اڀرندڙ معيشتن ۾ نجي شعبي جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي ان جي نتيجي ۾ انهن ملڪن ۾ اقتصادي لوڏن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي آهي، مضبوط ۽ مستحڪم معيشت لاءِ نجي شعبي کي سهولتن جي فراهمي ضروري آهي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت طرفان معيشت جي بهتري لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ اسان جي معيشت مستحڪم ٿي وئي آهي ۽ اهم اقتصادي اهڃاڻن مان ان جي عڪاسي به ٿي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اندروني مسئلن ۽ پرڏيهي معاشي لوڏن کان بچڻ لاءِ اسان کي بفرز کي مستحڪم بڻائڻو پوندو، پاڪستان ڪلي معيشت جي محاذ تي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. جاري مالي سال جي پهرين چئن مهينن ۾ سيمنٽ جي شعبي ۾ 16 سيڪڙو، ڀاڻ 9 سيڪڙو، پيٽروليم 4 سيڪڙو، آٽو موبائيل 31 سيڪڙو، موبائيل فونز 26 سيڪڙو ۽ وڏين صنعتن جي پيداوار جي شعبي ۾ 4 سيڪڙو کان وڌيڪ اوسر ٿي آهي. اوورسيز انويسٽمينٽ چيمبرز آف ڪامرس جي تازي سروي ۾ 73 سيڪڙو راءِ ڏيندڙن پاڪستان کي سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ موزون ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ٻه سال اڳ اها شرح 61 سيڪڙو هئي، سعودي عرب، يو اي اي ۽ ترڪيه سميت ڪيترن ئي ملڪن جا سيڙپڪار ۽ ڪمپنيون ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ اچي رهيون آهن، گوگل جي سينئر انتظاميه پاڪستان ۾ نه رڳو پنهنجي آفيس کولڻ جو اعلان ڪيو آهي پر گوگل کي اميد آهي ته پاڪستان گوگل لاءِ فني ۽ روانگي واپار جو مرڪز هوندو، اها اهم اڳڀرائي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر ۾ ماڻهن، پراسيس ۽ ٽيڪنالاجي جي بنياد تي سڌارن جو عمل جاري آهي، عالمي بئنڪ ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي واشنگٽن ۾ اسان عالمي بئنڪ آڏو ايف بي آر ۾ سڌارن جي ايجنڊا پيش ڪئي جنهن جي مصر سميت ڪيترن ئي ملڪن ۽ ادارن واکاڻ ڪئي، مصر جي ناڻي واري وزير مون کي ٻڌايو ته هو چاهي ٿو ته سندن ٽيم پاڪستان جو دورو ڪري يا پاڪستان جي ٽيم مصر اچي ته جيئن پاڪستان جي تجربن مان فائدو کڻي سگهجي. ٽيڪس جي بنياد ۾ وسعت، ليڪيجز جو خاتمو ۽ ٽيڪس نظام ۾ شفافيت اسان جو موقف آهي ڇاڪاڻ ته ٽيڪس نظام ۾ شفافيت سان ادارا مضبوط ٿيندا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته پاليسي سازي ايف بي آر کان ناڻي واري وزارت ڏانهن منتقل ڪئي وئي آهي، ٽيڪس پاليسي آفيس کي ناڻي واري وزارت منتقل ڪيو ويو آهي، ٽيڪس پاليسي آفيس کي آپريشنلائز ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ انتظاميه کي به مقرر ڪيو ويو آهي، ٽيڪس پاليسي آفيس جي ايڊوائزري ڪائونسل جو افتتاحي اجلاس اڄ ٿيندو، ڪائونسل ۾ نجي شعبي کي شامل ڪيو ويو آهي، ٽيڪس پاليسي آفيس ذريعي بجيٽ لاءِ تجويزون ۽ رايا به گڏ ڪيا ويندا، پهرين صرف بجيٽ سازي ۾ نجي شعبي کان تجويزون حاصل ڪيون وينديون هيون هاڻي پاليسي سازي جي عمل ۾ به اهو سلسلو سڄي سال جاري رکيو ويندو. ناڻي واري وزير چيو ته توانائي جي چٽاڀيٽي وارو ٽيرف ۽ چٽاڀيٽي واري ٽيڪس شرح سان صنعتون اڳتي وڌي سگهن ٿيون، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل جاري آهي، ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن ۽ اهو سلسلو جاري رهندو، ان ۾ نجي شعبي کان تجويزن ۽ راين کي به شامل ڪيو پيو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته سرڪاري ملڪيتي ادارن ۾ گورننس جي بهتري ۽ نجڪاري جو عمل مرحليوار انداز ۾ اڳتي وڌايو پيو وڃي، هن وقت تائين 20 وزارتن ۽ 301 کاتن جو جائزو ورتو ويو آهي، 9 وزارتن ۽ 78 کاتن تي ڪم جاري آهي، 30 سيپٽمبر تائين 54 هزار خالي آسامين کي ختم ڪيو ويو آهي. ان جو ساليانو امپيڪٽ 56 ارب روپيا آهي، جيڪڏهن اسان ائين نه ڪريون ها ته ان جا خرچ ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ شامل ٿين ها، نارڪوٽڪس ڪنٽرول کي گهرو وزارت ۾ ضم ڪيو ويو آهي. ڪشمير ۽ رياستن ۽ سرحدي معاملن کي ضم ڪيو ويو آهي، هوابازي کي دفاع واري وزارت ۾ ضم ڪيو ويو آهي، ڪيڊ، پي ڊبليو ڊي ۽ يوٽيليٽي اسٽور ڪارپوريشن کي بند ڪيو ويو، پاسڪو کي ختم ڪرڻ جو عمل جاري آهي، ان سموري عمل ۾ متاثر ملازمن کي پيڪيجز، ضروري قانوني ۽ ادائيگين جي ذميوارين کي پورو ڪيو پيو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪسيشن ۽ ڊجيٽل پاڪستان قدم تي وزيراعظم هر هفتي اجلاس منعقد ڪري رهيو آهي. ڪيش ليس معيشت کي اڳتي وڌايو پيو وڃي ۽ ان ۾ بئنڪن ۽ ادائيگين جا پليٽ فارمز اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، حڪومت ايندڙ مالي ۽ ڪلينڊر سال جي پڄاڻي تائين ڊجيٽل پاڪستان ۽ ڪيش ليس معيشت لاءِ هدف مقرر ڪيا آهن.

مزید خبریں