ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جابلو علائقن ۾ صبح / رات جي وقت شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران …

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ صبح ۽ رات جي وقت ۾ ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران اترئين علائقن ۾ ڏينهن ۽ رات جي وقت ۾ گرمي پد ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي. جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ ڪوهيڙي جي شدت ۾ ترتيبوار اضافي جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي، خشڪ ۽ جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌي رهي.

مزید خبریں