آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت بنا ڪنهن تبديلي جي مستحڪم رهي

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت بنا ڪنهن تبدلي جي مستحڪم رهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مطابق اربع ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت بنا ڪنهن تبديلي جي 280 روپيا 56 پئسن تي مستحڪم رهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 80 پئسا، جڏهن ته بحرين جي …

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت بنا ڪنهن تبدلي جي مستحڪم رهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مطابق اربع ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت بنا ڪنهن تبديلي جي 280 روپيا 56 پئسن تي مستحڪم رهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 80 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو اگهه 744 رپيا 18 پئسا رهيو. ساڳي طرح عمان جي ريال جو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اگهه 728 رپيا 72 پئسا رهيو، ڪويت جي دينار جو 913 رپيا 81 پئسا ۽ قطر جي ريال جي قيمت 76 رپيا 98 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 281 رپيا 45 پئسا ۽ وڪرو 281 رپيا 60 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.

مزید خبریں