اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جو حسن قرائت جو پهريون عالمي مقابلو ٽئين ڏينهن به جاري رهيو، جنهن جو سيمي فائنل ۽ فائنل خميس 27 نومبر تي ٿيندو ۽ پڄاڻي واري تقريب ڇنڇر ڏينهن 29 نومبر تي ٿيندي. اربع ڏينهن ڪنوينشن سينٽر ۾ ٽئين ڏينهن مقابلن جي شروعات ٿي. حسن قرائت جي عالمي مقابلن ۾ دنيا جي 37 اسلامي ملڪن جا 25 کان 35 سال جي عمر جا …
اسلام آباد ۾ حسن قرائت جو پهريون عالمي مقابلو ٽئين ڏينهن به جاري رهيو

مزید خبریں
اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان جو حسن قرائت جو پهريون عالمي مقابلو ٽئين ڏينهن به جاري رهيو، جنهن جو سيمي فائنل ۽ فائنل خميس 27 نومبر تي ٿيندو ۽ پڄاڻي واري تقريب ڇنڇر ڏينهن 29 نومبر تي ٿيندي. اربع ڏينهن ڪنوينشن سينٽر ۾ ٽئين ڏينهن مقابلن جي شروعات ٿي. حسن قرائت جي عالمي مقابلن ۾ دنيا جي 37 اسلامي ملڪن جا 25 کان 35 سال جي عمر جا قرائت پڙهندڙ حصو وٺي رهيا آهن. قادري سيد صداقت علي، مقابلي جي چيف ڪوآرڊينيٽر ۽ چيف جج جا فرض انجام ڏنا آهن، جڏهن ته ٻين ججن ۾ ڪوويت جو قاري الشيخ حمد اصنامي، جامع الاظهر مصر جو قاري حمد الله محمد ابراهيم، ايران جو قاري غلام رضا اصفهاني، پاڪستان جو قاري فياض علوي، قاري احمد ميان ٿانوي، ڊاڪٽر اڪرام الله محسن، قاري محمد ابراهيم ڪاسي ۽ قاري وجاهت رضا فرض انجام ڏنا. ٽئين ڏينهن حسن قرائت جي مقابلي ۾ مراڪش، ترڪيه، ڪيمرون، گني بسائو، ماريطانيه، بنگلاديش، انڊونيشيا، يوگنڊا، ايران، افغانستان، بينن، ٽوگو ۽ ملائشيا جا 13 قرائت پڙهندڙن حصو ورتو.











