خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان جرمني جي قونصل جنرل ٿامس شولٽز ۽ سندس گهرواريءَ ڪاٽيا هويزل جي ملاقات

ڪراچي - 26 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان جرمني جي قونصل جنرل ٿامس شولٽز پنهنجي گهرواريءَ ڪاٽيا هويزل سان گڏ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ جرمني جي قونصل جنرل ٿامس شولٽز جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفي تعاون جي مختلف موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ …

ڪراچي – 26 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان جرمني جي قونصل جنرل ٿامس شولٽز پنهنجي گهرواريءَ ڪاٽيا هويزل سان گڏ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ جرمني جي قونصل جنرل ٿامس شولٽز جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ ٻطرفي تعاون جي مختلف موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بي بي آصفه ڀٽو زرداري صحت، تعليم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي سلسلي ۾ گڏيل تعاون جي فروغ تي زور ڏنو. بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، تعليم وارو صوبائي وزير سردار شاهه، سينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽر قرته العين مري پڻ موجود هُئا.

مزید خبریں