مناما - 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بحريني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ غذائي تحفظ، آءِ ٽي، اڏاوتن، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، صحت، قابل تجديد توانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 550 ملين آمريڪي ڊالر کان وڌائي ٽن سالن جي اندر هڪ ارب آمريڪي ڊالر تائين وڌايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بحرين …
وزيراعظم پاران بحريني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ مُختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت

مزید خبریں
مناما – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بحريني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ غذائي تحفظ، آءِ ٽي، اڏاوتن، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، صحت، قابل تجديد توانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ٻطرفي واپار جو ڪاٿو 550 ملين آمريڪي ڊالر کان وڌائي ٽن سالن جي اندر هڪ ارب آمريڪي ڊالر تائين وڌايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بحرين جي ولي عهد، بحريني فوج جي نائب سپريم ڪمانڊر ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حمد الخليفه سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملاقات جي لاءِ مناما ۾ قصر القضيبيه پهتو ته کيس شاندار گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. وزيراعظم شاندار استقبال تي شهزاده سلمان بن حمد الخليفه جا ٿورا مڃيا ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ بحرين جي قيادت جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم بحرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي سالن جي مدي (2027 – 2026ع) جي لاءِ غيرمستقل ميمبرشپ حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان عرصي ۾ گڏيل تعاون وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ اقتصادي تعاون ڳالهه ٻولهه جو مرڪز رهيو. وزيراعظم ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي امڪانن کي اجاگر ڪيو جيڪو هن وقت 550 ملين آمريڪي ڊالر کان وڌيڪ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي ٽن سالن جي اندر 1 ملين آمريڪي ڊالر تائين وڌايو ويندو. ان هدف کي حاصل ڪرڻ پاڪستان – جي سي سي فري ٽريڊ ايگريمنٽ جيڪو پنهنجي حتمي مرحلن ۾ آهي ۽ تازو ئي ويزا جي شرطن ۾ نرمي جهڙن قدمن جي ذريعي ڪيو ويندو. هن بحريني سيڙپڪارن کي فوڊ سيڪيورٽي، آءِ ٽي، تعميرات، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، صحت، قابل تجديد توانائي ۽ سياحت ۾ موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. هن ڪراچي/گوادر ۽ خليفه بن سلمان پورٽ جي وچ ۾ بندرگاهه کان بندرگاهه تائين رابطو وڌائڻ جي تجويز پڻ ڏني. وزيراعظم 150000 کان وڌيڪ پاڪستاني ڪميونٽي جي لاءِ بحرين جي حمايت کي تسليم ڪيو ۽ وڌيڪ هنرمند افرادي قوت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي تصديق ڪئي. هن اعليٰ تعليم، فني تربيت ۽ ڊيجيٽل گورننس ۾ وڌيڪ تعاون جي آجيان ڪئي. ان کانسواءِ وزيراعظم اسلام آباد ۾ ڪنگ حمد يونيورسٽي جي تعمير ۽ پاڪستاني شهرين جي آزادي ۽ وطن واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي بحرين جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين تربيت، سائبر سيڪيورٽي، دفاعي پيداوار ۽ معلومات جي مٽاسٽا ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه جي تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي اتفاق ڪيو ته غزه جي عوام جيڪا ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مصيبتن جو شڪار آهي، ان جي لاءِ امن ۽ استحڪام جو قيام انتهائي خوش آئنده آهي جنهن جي غزه جي عوام وڏي عرصي کان منتظر هئي. ملاقات ان اعتماد سان پڄاڻي تي پهتي ته ڳالهه ٻولهه جا ٺوس نتيجا نڪرندا ۽ اسٽريٽجڪ، اقتصادي، سيڪيورٽي ۽ عوام سان عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بلند ڪيو ويندو.











