سول جج، جوڊيشل مئجسٽريٽ شائسته خان ڪنڊي پاران مبينا تشدد ڪيس ۾ اي پي پي جا 10 ملازم ۽ آفيسر باعزت بري

اسلام آباد - 26 نومبر (اي پي پي) سول جج، جوڊيشل مئجسٽريٽ شائسته خان ڪنڊي آبپاره ٿاڻي جي مبينا تشدد ڪيس ۾ نامزد اي پي پي (قومي خابرو ايجنسي) جي 10 ملازمن ۽ آفيسرن کي شق 249 تحت درخواست تي باعزت بري ڪري ڇڏيو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڪيس ۾ نه ڪو ثبوت موجود آهي ۽ نه ئي ڪا اهڙي ثابتي آهي جنهن سان جوابدارن تي الزام ثابت …

اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) سول جج، جوڊيشل مئجسٽريٽ شائسته خان ڪنڊي آبپاره ٿاڻي جي مبينا تشدد ڪيس ۾ نامزد اي پي پي (قومي خابرو ايجنسي) جي 10 ملازمن ۽ آفيسرن کي شق 249 تحت درخواست تي باعزت بري ڪري ڇڏيو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڪيس ۾ نه ڪو ثبوت موجود آهي ۽ نه ئي ڪا اهڙي ثابتي آهي جنهن سان جوابدارن تي الزام ثابت ٿي سگهي. ٻڌڻي جي شروعات ٿي ته عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڪيس جي فريادي فرقان رائو جو وڪيل پيش ناهي ٿيو، جنهن تي معزز جج سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڪيس جو مدعي يا ان جو وڪيل مستقل طور تي غيرحاضر رهن ٿا، ساڍا 11 وڳي ٻيهر ٻڌڻي ٿيندي ۽ جوابدارن جي بريت جي درخواست تي دليل مڪمل ڪيا ويندا. وقفي کانپوءِ ٻيهر ٻڌڻي شروع ٿي ته فريادي فرقان رائو جو وڪيل ٻيهر به عدالت ۾ پيش نه ٿيو. وڪيل جي اسسٽنٽ گذارش ڪئي ته سندس وڪيل مصروف آهي جڏهن ته عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي پهريون ڪيس آهي جنهن ۾ مدعي ۽ ان جو وڪيل عدالت کان فراريت اختيار ڪري رهيا آهن جڏهن ته 10 جوابدار صبح کان عدالت ۾ موجود آهن، انهن سان ناانصافي ٿي رهي آهي ۽ کين سزا کان اڳ سزا ڏني پئي وڃي. ٻڌڻي دوران جوابدار سميع الله جي وڪيل ناليواري قانوندان راڻا روحيل ايڊووڪيٽ ايف آءِ آر پڙهي ٻڌائي. ان موقعي تي معزز جج پڇاڻو ڪيو ته ”غيرلاڳاپيل غنڊا ڇا هوندا آهن؟“ جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته هي سمورا جوابدار سرڪاري آفيسر آهن جڏهن ته فريادي فرقان رائو پاڻ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪيس ۾ نامزد آهي ۽ اسپيسل جج سينٽرل کان ضمانت تي آهي، هن بدنيتي تي اهو ڪيس داخل ڪرايو. عدالت سرڪاري پراسيڪيوٽر کي طلب ڪيو ۽ ان کي دليل ڏيڻ جي هدايت ڪئي. سرڪاري وڪيل فائل جو جائزو وٺڻ کانپوءِ عدالت کي آگاهه ڪيو ته جانچ آفيسر پاران جمع ڪرايل چالان ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته نه ڪا ريڪوري ٿي آهي نه ڪو ثبوت موجود آهي ۽ نه ئي اهڙا ثبوت سامهون آيا آهن جيڪي الزام کي ثابت ڪري سگهن، جوابدارن وٽ هٿيارن جي موجودگي جو به ڪو ثبوت ناهي مليو. معزز جج شائسته خان ٻڌڻي کانپوءِ ريمارڪس ڏنا ته جوابدارن کي باعزت بري ڪري رهي آهيان، هٿ ٺوڪئي ۽ بي بنياد ايف آءِ آر ڏني وئي  آهي جنهن سان عدالت جو وقت ضايع ٿيو آهي، آئون سمورن جوابدارن کي هدايت ڪريان ٿي ته اهي پنهنجي ٻارن جو خيال رکن. ٻڌڻي جي موقعي تي اي پي پي ايمپلائيز يونين جي اڳوڻي صدر خضر ملڪ معزز جج کي مخاطب ڪندي چيو ته جهڙي طرح انصاف تي ٻڌل جلد فيصلو توهان جاري ڪيو آهي ان جو مثال نٿو ملي، اسان توهان جا ٿورائتا آهيون جنهن تي معزز جج چيو ته منهنجو ڪم قانون موجب فيصلا ڪرڻ آهي ۽ منهنجو ضمير مطمئن آهي ته مون انصاف فراهم ڪيو آهي.

مزید خبریں