اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي تحفظ بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي (پي ايم ايس اي) جي ڊائريڪٽر جنرل ريئر ايڊمرل شهزاد اقبال سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سامونڊي گدلاڻ جي تدارڪ، سامونڊي ماحول جي تحفظ ۽ ساحلي علائقن جي مضبوطيءَ جي حوالي سان گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزارت طرفان جاري بيان موجب ريئر …
وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جي، ڊي جي سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي تحفظ بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي (پي ايم ايس اي) جي ڊائريڪٽر جنرل ريئر ايڊمرل شهزاد اقبال سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سامونڊي گدلاڻ جي تدارڪ، سامونڊي ماحول جي تحفظ ۽ ساحلي علائقن جي مضبوطيءَ جي حوالي سان گڏيل سهڪار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزارت طرفان جاري بيان موجب ريئر ايڊمرل شهزاد اقبال، وفاقي وزير کي پي ايم ايس اي جي جاري قدمن تي بريفنگ ڏني، جن ۾ ويسل مانيٽرنگ سسٽم جهڙا اهم منصوبا شامل آهن، جيڪي سامونڊي نگراني ۽ پائيدار ماهيگيري جي انتظام کي بهتر بنائڻ ۾ مددگار آهن. هن پي ايم ايس اي جي بنيادي فرضن تي پڻ روشني وڌي جن ۾ غير قانوني ماهگيري جي روڪٿام، سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشنز، بين الوزارتي رابطا ڪاري، سامونڊي سرحدن جي نگراني ۽ پاڪستان جي ثانوي سامونڊي فورس طور تي خدمتون شامل آهن. ڊائريڪٽر جنرل، وفاقي وزير کي 9 کان 11 ڊسمبر تجويز ڪيل مشق بارا ڪوڊا ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جيڪا تيل جي پهچ کي مُنهن ڏيڻ، سامونڊي گدلاڻ جي انتظام ۽ سمنڊ ۾ سرچ اينڊ ريسڪيو جي قومي صلاحيتن ۾ واڌ لاءِ نهايت اهم تصور ڪئي ويندي آهي. ملاقات ۾ سمنڊ ۾ ڪچري جي ڊمپنگ جي وڌندڙ مسئلن ۽ ان جي سامونڊي حيات، ماهگيري ۽ پاڪستان جي روانگي واپار جي شعبي ۾ سنگين اثرن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي وفاقي وزير پاڪستان جي سمنڊ جي تحفظ، ماحولياتي سيڪيورٽي جي استحڪام ۽ موسمياتي لحاظ سان مضبوط سامونڊي نظم و نسق کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پي ايم ايس اي سان ويجهو سهڪار جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











