وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان لنڊن ۾ قائم عالمي لا فرم مل بئنڪ جي پارٽنر جي ملاقات

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ آئل اينڊ ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) جي ايم ڊي احمد حيات سان لنڊن ۾ قائم عالمي لا فرم مل بئنڪ جي پارٽنر منيب حسين سان ملاقات ڪئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب ملاقات ۾ توانائي ۽ قدرتي وسيلن جي شعبي ۾ اهم اڳڀرائي خاص ڪري ريڪوڊڪ ڪاپر اينڊ گولڊ پراجيڪٽ فنانسنگ جي …

اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ آئل اينڊ ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) جي ايم ڊي احمد حيات سان لنڊن ۾ قائم عالمي لا فرم مل بئنڪ جي پارٽنر منيب حسين سان ملاقات ڪئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب ملاقات ۾ توانائي ۽ قدرتي وسيلن جي شعبي ۾ اهم اڳڀرائي خاص ڪري ريڪوڊڪ ڪاپر اينڊ گولڊ پراجيڪٽ فنانسنگ جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويو. منصوبي جي فنانسرز جي نمائندي ڪندي منيب حسين، وفاقي وزير ۽ او جي ڊي سي ايل جي قيادت کي ريڪوڊڪ جي قيادت کي ريڪوڊڪ پراجيڪٽ جي فنانشل ڪلوز (مالياتي پڄاڻي) بابت هاڪاري اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ملاقات دوران پاڪستان جي مائننگ، تيل ۽ گيس جي شعبن ۾ واڌو موقعن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌُرين اسٽريٽجڪ سيڙپڪاري ۽ شعبي جاتي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي سهڪار جي عزم جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں