پاڪستان ٽيليويزن خطي جي ثقافت، زبان، موسيقي ۽ ادب جي امين آهي: سيد يوسف رضا گيلاني

ملتان-26 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ٽيليويزن نه صرف ڄاڻ ۽ تفريح جو قومي ادارو آهي پر هي ملڪ جي مختلف خطن جي ثقافت، زبان، موسيقي ۽ ادب جي حقيقي ترجماني به ڪري ٿو. هن اها ڳالهه پاڪستان ٽي وي جي 61هين سالگره جي موقعي تي پي ٽي وي ملتان ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي هن …

ملتان-26 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪستان ٽيليويزن نه صرف ڄاڻ ۽ تفريح جو قومي ادارو آهي پر هي ملڪ جي مختلف خطن جي ثقافت، زبان، موسيقي ۽ ادب جي حقيقي ترجماني به ڪري ٿو. هن اها ڳالهه پاڪستان ٽي وي جي 61هين سالگره جي موقعي تي پي ٽي وي ملتان ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. ان موقعي تي هن اعلان ڪيو ته پي ٽي وي ملتان سينٽر کي جديد گهُرجن سان هم آهنگ ڪندي ڏکڻ پنجاب جي ثقافتي سُڃاڻپ کي عالمي سطح تي وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪيو ويندو. سينيٽ چيئرمين پنهنجي خطاب ۾ پي ٽي وي سان جڙيل يادن جو ذڪر ڪندي چيو ته پي ٽي وي جي سونهري دؤر جا ڊراما نه صرف سڄي ملڪ ۾ مقبول هئا پر ڀارت سميت ٻين ملڪن ۾ پڻ شوق سان ڏٺا ويندا هئا. هن ٻُڌايو ته جيلن ۾ قيدي پي ٽي وي جي ڊرامن جو بيچينيءَ سان انتظار ڪندا هئا، جيڪي انهن لاءِ اميد ۽ حوصلي جو ذريعو بڻجندا هئا. هن چيو ته ان ئي احساس کيس وزيراعظم طور ملتان ۾ پي ٽي وي سينٽر جي قيام جو فيصلو ڪرڻ تي مجبور ڪيو. سينيٽ چيئريمن چيو ته پي ٽي وي ملتان جو قيام خطي جي تهذيب، سرائڪي زبان، موسيقي ۽ ادبي ورثي کي هٿي وٺرائڻ ۾ هڪ بنيادي سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿو. هتان جا ماڻهو پنهنجي تهذيب، ثقافتي ۽ روايتن ۾ هڪ الڳ مقام رکن ٿا، ان لاءِ ضروري هو ته سندن نمائندگي لاءِ ڌار ٽي وي سينٽر قائم ڪيو وڃي، جيڪو نه صرف سُڃاڻپ کي اُڀاري پر نَون فنڪارن، شاعرن، موسيقارن ۽ اديبن لاءِ موقعا فراهم ڪري. هن چيو ته 2011ع ۾ پي ٽي وي ملتان سينٽر جو افتتاح ان ئي ويزن تحت ڪيو ويو هو ته جيئن علائقائي موسيقي، ادب، شعر ۽ حڪمت ۽ ثقافتي سرگرمين کي پليٽ فارم ميسر اچي سگهن. هن پي ٽي وي جي سالگره تي پوري قوم خاص ڪري ملتان ۽ ڏکڻ پنجاب جي عوام کي مبارڪون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته ادارو مستقبل ۾ به پنهنجون بهترين روايتون برقرار رکندي اڳتي وڌندو. ان کان اڳ سينيٽ چيئرمين پنهنجي آذربائيجان جي تازي دؤري جو حوالو ڏيندي ٻُڌايو ته اُتان جي صدر سان ملاقات دوران هن چيو ته آذربائيجان ۾ 700 سال قديمي ملتان ڪاروان سراءِ تاريخي ورثي جي علامت آهي. آذربائيجان جي صدر کيس ٻُڌايو ته سندس نالو ان لاءِ برقرار رکيل آهي ته اوهان جو تعلق به ملتان سان آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ملتان هڪ تاريخي شهر آهي ۽ ملتان جي تاريخ 5 هزار سال پُراڻي آهي، هن تجويز ڏني ته ملتان وانگر تاريخي اهميت رکندڙ عالمي شهرن کي سسٽر سٽينز قرار ڏئي ثقافتي سفارتي ڪاريءَ کي هٿي وٺرائي وڃي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پي وي ٽي جهڙا ادارا ملڪ ۾ ثقافتي سُڃاڻپ ۽ قومي مؤقف کي مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، ان ڪري ان جي ترقي ۽ بهتريءَ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. تقريب ۾ ڊائريڪٽر پروگرام سيف الدين، پي ٽي وي ملتان جي جنرل مئنيجر شفقت عباس ملڪ، ناليواري گلوڪاره ثقافت ملتاني، ملڪ حيدر عثمان، شاڪر حسين شاڪر، شهر جي معززن، شاعرن، اديبن ۽ صحافين کان علاوه شوبز شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں