اسلام آباد- 26 نومبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2 هزار 300 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 38 هزار 862 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع تي سون جي في تولو قيمت ۾ 2300 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 38 هزار 862 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2300 رپين جي واڌ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 نومبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 2 هزار 300 رپين جي واڌ سان في تولو سون 4 لک 38 هزار 862 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع تي سون جي في تولو قيمت ۾ 2300 رپين جي واڌ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 38 هزار 862 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون 10 گرام جي قيمت به 1972 رپين جي واڌ کانپوءِ 3 لک 74 هزار 281 رپين مان وڌي 3 لک 76 هزار 253 رپيا ٿي ويو. جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 43 هزار 103 رپين مان وڌي 3 لک 44 هزار 911 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن ٻُڌايو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 60 رپين جي واڌ کانپوءِ 5482 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 51 رپين جي واڌ کانپوءِ 4699 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4142 ڊالر مان وڌي 4165 ڊالر ٿي وئي.











