مناما - 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بحرين جي گادي واري شهر مناما پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مناما ايئرپورٽ تي بحرين جي ولي عهد، بحريني فوج جي نائب سپريم ڪمانڊر ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حمد الخليفه، بحريني نائب وزيراعظم خالد بن عبدالله الخليفه، بحريني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن رشيد الزاياني ۽ …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بحرين جي گادي واري شهر مناما پهچي ويو

مزید خبریں
مناما – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بحرين جي گادي واري شهر مناما پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مناما ايئرپورٽ تي بحرين جي ولي عهد، بحريني فوج جي نائب سپريم ڪمانڊر ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حمد الخليفه، بحريني نائب وزيراعظم خالد بن عبدالله الخليفه، بحريني پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن رشيد الزاياني ۽ بحريني قيادت جي سينيئر ميمبرن وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد جو شاندار استقبال ڪيو. بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف 26 کان 27 نومبر تائين بحرين جو سرڪاري دورو ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ سينيئر آفيسر پڻ وزيراعظم جي وفد ۾ شامل آهن. دوري دوران وزيراعظم بحرين جي قيادت سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو. انهن ملاقاتن ۾ بحرين جي بادشاهه شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه، بحرين جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده سلمان بن حمد الخليفه ۽ بحرين جي نائب وزيراعظم شيخ خالد بن عبدالله الخليفه سان ملاقاتون شامل آهن. اهو سرڪاري دورو بحرين سان پاڪستان جي پراڻي خوشگوار لاڳاپن جو عڪاس آهي جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نتيجن تي ٻڌل ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ آهي. ان دوري سان روايتي طور تي گرمجوشي ۽ خوشگوار لاڳاپن کي سگهه ملندي، حصيداري جون نيون راهون متعين ٿينديون ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي مضبوط ڪيو ويندو جيڪو گڏيل فائديمند تعاون ۾ حصو وجهندو.











