اسلام آباد - 26 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ٽيليويزن جي 61هين سالگرهه تي پي ٽي وي کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي وي روايتن جي امين آهي جنهن سدائين پنهنجي روايتن ۽ قدرن کي مٿانهون رکيو، معرڪه حق دوران پي ٽي وي نيوز بهترين بيانيي کي فروغ ڏنو، پي ٽي وي جو ماضي به شاندار هو ۽ مستقبل …
پي ٽي وي روايتن جي امين آهي جنهن سدائين پنهنجي روايتن ۽ قدرن کي مٿانهون رکيو آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ٽيليويزن جي 61هين سالگرهه تي پي ٽي وي کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي وي روايتن جي امين آهي جنهن سدائين پنهنجي روايتن ۽ قدرن کي مٿانهون رکيو، معرڪه حق دوران پي ٽي وي نيوز بهترين بيانيي کي فروغ ڏنو، پي ٽي وي جو ماضي به شاندار هو ۽ مستقبل به شاندار هوندو. پاڪستان ٽيليويزن جي 61هين سالگرهه جي موقعي تي پي ٽي وي نيوز جي مارننگ شو ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير پي ٽي وي جي شاندار ماضي جي بحالي ۽ اداري جي مستقبل جي لاءِ قومي يڪجهتي، ڊيجيٽل جدت ۽ پائيدار سڌارن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته سڌاراجاتي عمل ۾ نجي شعبي ۽ پاڪستان جي جنريشن زي جي شموليت لازمي آهي جڏهن ته تعميري تنقيد کي خوش آئنده سمجهندي پي ٽي وي کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستان هڪ گهر وانگر آهي جنهن کي عزت ۽ وقار سان محفوظ رکڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. تنقيد کي کليل دل سان قبول ڪرڻ ۽ گڏيل اتحاد برقرار رکڻ قومي ترقي ۽ قدرن جي تحفظ جي لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته معرڪه حق دوران پاڪستان جي جنريشن زي ڀرپور ۽ سرگرم ڪردار ادا ڪيو، دشمن حيران هو ته جنگ جي ماحول ۾ پاڪستاني عوام مطمئن ڪيئن آهي. هن نوجوان نسل جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته اها ئي نسل ملڪ جي مستقبل جو رخ تعين ڪرڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته هاڻي جنريشن زي جو وقت آهي ته اها اڳتي وڌي ملڪ جي خدمت ڪري ۽ پاڪستان جي شاندار ورثي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪندي ترقي جون نيون راهون متعين ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي جي تاريخي ورثي جي مستقبل جي ضرورتن موجب جديد رخن تي قائم ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن قومي نشرياتي ادارو تيزي سان بدلجندڙ ميڊيا ماحول ۾ موثر انداز ۾ اڳتي وڌي سگهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نجي شعبي سان حصيداري سان اداري ۾ سڌارن جي عمل کي تيز ۽ وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي ٿو جنهن سان پي ٽي وي نه رڳو ناظرين سان بهتر رابطو قائم ڪندي پر پائيدار ۽ دورانديش نشرياتي مستقبل پڻ يقيني بڻائيندي. عطاءُ الله تارڙ پي ٽي وي جي ناظرين ۽ اطلاعات واري وزارت جي ٽيم کي ڊيجيٽلائيزيشن ۽ اداري کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ ۾ انهن جي خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن خصوصي طور تي پاڪستان جي جنريشن زي کي ساراهيندي چيو ته اها نسل ملڪ جي روشن ماضي کي بهتر مستقبل سان ڳنڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير اطلاعات واري وزارت جي جاري منصوبن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته انگريزي زبان جي نشرياتي چينلز جي فروغ ۽ تعارف تي ڪم جاري آهي جڏهن ته الجزيره جهڙن عالمي ميڊيا پليٽ فارمز جي تجربن مان رهنمائي وٺندي پاڪستان جي موقف کي عالمي سطح تي موثر انداز ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. مستقبل کي نظر ۾ رکندي اسان صحيح رخ تي گامزن آهيون. هن چيو ته پي ٽي وي نئين گهرجن سان هم آهنگ انگلش چينل ”پاڪستان ٽي وي“ لانچ ڪيو آهي، پي ٽي وي کي اهڙو ٺاهڻو آهي جنهن سان هر پاڪستاني چئي سگهي ته اهو منهنجو ٽي وي آهي. هن چيو ته براڊ ڪاسٽ ميڊيا ۾ نيوز، انٽرٽينمنٽ ۽ اسپورٽس جي شعبن ۾ پي ٽي وي باني آهي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي جا ڊراما اڄ به ذهنن تي نقش آهن. هن چيو ته پاڪستان آئيڊل جي ذريعي نوجوانن کي ٽيلنٽ جو موقعو فراهم ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون، ملڪي وقار ۽ قومي مفاد کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي. عطاءُ الله تارڙ ڳالهه ٻولهه جي پڄاڻي تي چيو ته سڌارن جو تسلسل پاڪستان جي ڊگهي مدي واري ترقي جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته سمورين ڌرين کي گهرجي ته اهي ديانتداري ۽ جذبي سان گڏجي ڪم ڪن ته جيئن ڊيجيٽلائيزيشن، ميڊيا جي جدت ڪاري ۽ قومي ترقي جا منصوبا ايندڙ نسلن جي لاءِ پائيدار فائدن کي يقيني بڻائي سگهن. بعد ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پي ٽي وي جي 61هين سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو سيڪريٽري اشفاق احمد خليل ۽ پي ٽي وي جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.











