اسلام آباد - 26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن بابت گڏيل قومن جي خصوصي ماهرن جي تازه ترين رپورٽ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان غيرملڪي قبضي جي خلاف ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب 24 نومبر 2025ع …
پاڪستان پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن بابت گڏيل قومن جي خصوصي ماهرن جي تازه ترين رپورٽ تي ڳڻتي ظاهر

مزید خبریں
اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدمن بابت گڏيل قومن جي خصوصي ماهرن جي تازه ترين رپورٽ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان غيرملڪي قبضي جي خلاف ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب 24 نومبر 2025ع تي جاري ٿيندڙ اها رپورٽ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي قبضي تحت ڪشميري عوام پاران انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي نشاندهي ڪري ٿي. بيان موجب پاڪستان ماهرن جي مشاهدن کي خطري جي گهنٽيءَ سان نوٽ ڪري ٿو ته ڀارتي قدمن جي نتيجي ۾ صحافين، شاگردن ۽ انساني حقن جي علمبردارن سميت اٽڪل 2800 ماڻهن جي وڏي پئماني تي هٿ ٺوڪيون گرفتاريون ڪري انهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، سخت قانونسازي بشمول پبلڪ سيفٽي ايڪٽ ۽ غيرقانوني سرگرمين (روڪٿام) ايڪٽ جي مسلسل لاڳو اڻڄاتل مدي تائين ۽ بنا جواز حراستن کي سهولت فراهم ڪئي آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته تشدد، حراستي فوتگين، غيرقانوني حراست، قانوني عمل ۽ خاندان سان رابطي کان انڪار، تعزيري انهدام ۽ جبري بيدخلي، بار بار مواصلاتي بليڪ آئوٽ ۽ 8 هزار سوشل ميڊيا اڪائونٽس کي بلاڪ ڪرڻ سميت پريس جي آزادي کي دٻائڻ جي واقعن، ڪشميرين ۽ سڄي ڀارت ۾ مسلمان ڪميونٽي جي خلاف نفرت انگيز تقريرن، زندهه ساڙڻ ۽ هراسان ڪرڻ جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي جيڪو قابل مذمت ۽ افسوسناڪ آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي نتيجا ڪشميري مسلمانن تي رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ سان گڏوگڏ سڄي ڀارت ۾ اقليتن سان امتيازي سلوڪ جي حوالي سان پاڪستان جي پراڻي خدشن جي تصديق ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ڀارت کان مطالبو ڪري ٿو ته هو پنهنجا زبردستي قدم بند ڪري ۽ والاريل ڪشمير ۾ نظربند سمورن ماڻهن کي غيرمشروط طور تي آزاد ڪري. هن ڀارت تي زور ڏنو ته اهي سمورن مذهبي اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ عيسائين تي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جي لاءِ ٺوس قدم کڻي، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن، منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. بيان ۾ ڀارت تي زور ڏنو ويو ته هو پنهنجي جابراڻي پاليسين کي روڪي، آبادياتي ۽ قانوني تبديلين کي واپس وٺي، بنيادي آزادين کي بحال ڪري ۽ بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه ۾ سچي نيت سان مشغول ٿئي. هن چيو ته پاڪستان غيرملڪي قبضي جي خلاف ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.











