عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ مُختلف قدم کڻي رهيا آهيون: راڻا مشهود احمد خان

اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ نوڪرين ۾ 33 سيڪڙو ڪوٽه، پي ايم يوٿ پروگرام تحت آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي سميت ٻيا قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم جو ويزن ميرٽ ۽ شفافيت آهي جنهن تحت نوجوانن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي سميت ٻين شعبن م اڳيان وڌڻ جا …

اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي، ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ نوڪرين ۾ 33 سيڪڙو ڪوٽه، پي ايم يوٿ پروگرام تحت آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي سميت ٻيا قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم جو ويزن ميرٽ ۽ شفافيت آهي جنهن تحت نوجوانن کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي سميت ٻين شعبن م اڳيان وڌڻ جا موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون. انهن خيالن جو اظهار هن انٽر پرينيورشپ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ماضيءَ ۾ نوجوانن کي نظر انداز ڪيو ويو، ميرٽ سان ٽيلنٽ اڀري سامهون اچي ٿو، اسان کي پنجاب ۾ نوجوانن کي سهولتون فراهم ڪرڻ تي فخر آهي. هن چيو ته 1997ع ۾ پنجاب ۾ بوٽي مافيه جو خاتمو ۽ ميرٽ کي هٿي وٺائي وئي. هن جو چوڻ هو ته پي ايم يوٿ پروگرام تحت نوجوانن کي ميرٽ ۽ شفافيت ذريعي برابري جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافت، آءِ ٽي ۽ راندين سميت سمورن شعبن م باصلاحيت نوجوان اڳيان اچي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ويزن ميرٽ ۽ صرف ميرٽ آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ عورتن کي وراثتي حصي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي، عورتن لاءِ نوڪرين ۾ 33 سيڪڙو حصو رکيو پيو وڃي، عورتن کي وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت قرضه اسڪيم ۾ ڪوٽه 25 سيڪڙو ڏني وئي، عورتن کي بنا وياج ۽ آسان شرطن تي قرض فراهم ڪيو پيو وڃي.

مزید خبریں