ھندو پرست بيانيه اقليتن لاءِ شديد خطرو، رام مندر تي آر ايس ايس جو جھنڊو ڦڙڪائڻ مودي جي فاشسٽ سوچ کي ظاھر ڪري ٿو

اسلام آباد - 26 نومبر (اي پي پي) مودي ۽ آر ايس ايس جي ڳٺ جوڙ ڀارت ۾ مسلمانن لاءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر خطري جي گھنٽي وڄائي ڇڏي آھي. مسلمان دشمني ۾ مودي صديون پراڻي بابري مسجد جي شھادت کي قومي تماشو بڻائي ڇڏيو آھي. رام مندر، بابري مسجد جي شھادت سبب بي جي پي ۽ آر ايس ايس جي نظرياتي دھشتگردي تحت وجود ۾ آيو. مودي آر ايس ايس …

اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) مودي ۽ آر ايس ايس جي ڳٺ جوڙ ڀارت ۾ مسلمانن لاءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر خطري جي گھنٽي وڄائي ڇڏي آھي. مسلمان دشمني ۾ مودي صديون پراڻي بابري مسجد جي شھادت کي قومي تماشو بڻائي ڇڏيو آھي. رام مندر، بابري مسجد جي شھادت سبب بي جي پي ۽ آر ايس ايس جي نظرياتي دھشتگردي تحت وجود ۾ آيو. مودي آر ايس ايس جي جٿن کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ ڀارت جي شھر ايوڌيا جي ثقافتي شعور ۾ ھڪ ٻيو سنگ ميل ڏسي رھيو آھيان، انتھا پسند آر ايس ايس جي غنڊي يوگي آديته ناٿ جھنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب کي نئين دور جي شروعات قرار ڏئي ڇڏيو. يوگي آدتيه ناٿ اقليتن جو لحاظ ڪرڻ بنا ڀارتي عوام سان پنھنجي شرمناڪ خطاب ۾ چيو ته شري رام جو مندر 140 ڪروڙ ڀارتي عوام لاءِ قومي فخر ۽ ان تي جھنڊو ترقي يافته ڀارت جي تصور جي نمائندگي ڪري ٿو، دھشتگرد مودي رام مندر ۾ انتھا پسند ھندو پرست جو جھنڊو لڳائي مسلمانن جو مذھبي  استحصال ڪيو آھي، ڀارت ۾ نفرت، انتھا پسندي ۽ اقليت دشمني سفاڪ مودي جي تعصب واري سوچ جي عڪاسي آھي.

مزید خبریں